يو اي اي پاڪستان جي آءِ ايم ايف کي ٻه طرفي سهڪار جي تصديق ڪري ڇڏي، اسحاق ڊار

ناڻي واري وفاقي وزير اسحاق ڊار جو چوڻ آهي ته گڏيل عرب امارات (يو اي اي) پاڪستان کي هڪ ارب ڊالر امداد ڏيڻ جي منصوبي بابت آءِ ايم ايف کي آگاهه ڪري ڇڏيو آهي.

اهو قدم پاڪستان لاءِ آءِ ايم ايف کان 1.1 بلين ڊالر جي وڏي قرض جي قسط حاصل ڪرڻ جو رستو کوليندو، ڇاڪاڻ ته فنڊ پاڪستان جي مالي ضرورتن کي پورو ڪرڻ لاءِ عالمي ڀائيوارن کان منظوري طلب ڪري رهيو هو.

سماجي رابطن واري ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي پنهنجي پيغام ۾ اسحاق ڊار چيو ته متحده عرب امارات جي اختيارين آءِ ايم ايف کي پاڪستان کي هڪ ارب ڊالرن جي امداد ڏيڻ جي تصديق ڪئي آهي.

ناڻي واري وزير وڌيڪ چيو ته اسٽيٽ بئنڪ آف پاڪستان هاڻي گڏيل عرب امارات جي اختيارين کان رقم جي وصولي لاءِ ضروري دستاويز سهيڙي رهي آهي.

گذريل هفتي، واشنگٽن ۾ قائم فنڊ پاڪستان کي ٻڌايو ته هن کي سعودي عرب کان 2 بلين ڊالر جي اضافي فنڊز جي تصديق ملي آهي.

ناڻي واري مملڪتي وزير عائشه غوث پاشا گذريل هفتي اسلام آباد ۾ صحافين کي ٻڌايو ته آءِ ايم ايف اشارو ڏنو آهي ته ان کي رياض طرفان يقين ڏياريو ويو آهي.

سعودي عرب جي 2 ارب ڊالرن جي واعدي سان گڏوگڏ آءِ ايم ايف معاهدي جي آخري شرطن مان هڪ متحده عرب امارات طرفان پاڪستان کي ڪيل مالي مدد جو واعدو پڻ آهي.

Read Previous

سپريم ڪورٽ جو فيصلو آئين ۽ وفاق تي حملو قرار, پارليامينٽ جي اختيارن جو تحفظ ۽ دفاع ڪنداسين، حڪمران اتحاد

Read Next

1973ع جي آئين جي گولڊن جوبلي: 50 رپين جو يادگار سڪو جاري

Most Popular