انيل ڪپور ۽ انوپم کير پنهنجي مرحوم دوست ستيش ڪوشڪ جي ياد ۾ روئي ويٺا

ممبئي: بالي ووڊ جا سينيئر اداڪار انوپم کير ۽ انيل ڪپور ستيش ڪوشڪ کي ياد ڪندي پنهنجي جذبات تي قابو نه رکي سگهيا.

ڀارتي ميڊيا جي رپورٽ موجب انوپم کير تازو ئي پنهنجي مرحوم دوست ستيش ڪوشڪ کي سندس سالگرهه تي ڀيٽا پيش ڪرڻ لاءِ هڪ تقريب منعقد ڪئي، جنهن ۾ سماجي شخصيتن ۽ شوبز جي دوستن شرڪت ڪئي.

انوپم کير تقريب ۾ آيل مهمانن سان ڳالهائڻ لاءِ انيل ڪپور کي اسٽيج تي اچڻ جي دعوت ڏني، جنهن تي انيل ڪپور پنهنجي جذبات تي قابو نه رکي سگهيو ۽ اسٽيج تي اچڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو.

انيل ڪپور کي ستيش ڪوشڪ جي ياد ۾ روئيندي ڏسي انوپم کير به متاثر ٿي ويو.

ان تقريب ۾ ستيش ڪوشڪ جي ڌيءَ پڻ پنهنجي پيءُ لاءِ لکيل هڪ خط حاضرين کي پڙهي ٻڌايو جنهن ۾ هن ٻڌايو ته هوءَ پنهنجي پيءُ کي ڪيتري ياد ڪندي آهي.

Read Previous

پاڪستان ۽ نيوزيلينڊ وچ ۾ ٽئين ٽِي ٽوئنٽي ميچ اڄ کيڏي ويندي

Read Next

ڪاروباري هفتي جي پهرين ڏينهن سون جي قيمت ۾ رڪارڊ اضافو

Most Popular