وزيراعظم جي صدارت هيٺ اجلاس ۾ اتحادي پارٽين جو مخالف ڌر سان ڳالهين تي زور

اسلام آباد: وزيراعظم جي صدارت هيٺ اجلاس ۾ اتحادي پارٽين پاڪستان تحريڪ انصاف سان ڳالهين تي زور ڏنو آهي.

وزيراعظم هائوس ۾ حڪومتي اتحادين جي ملاقات جي اندروني ڪهاڻي سامهون اچي وئي آهي، ذريعن جو چوڻ آهي ته حڪومتي اتحادين جي اجلاس ۾ بلاول ڀٽو مخالف ڌر سان ڳالهين تي زور ڏنو، جڏهن ته ايم ڪيو ايم، بي اين پي، خالد مگسي، چوڌري سالڪ، محسن داوڙ ۽ ٻين ڳالهين بابت بلاول ڀٽو جي موقف جي حمايت ڪئي.

ذريعن موجب اجلاس ۾ جمعيت علماءِ اسلام (ف) بلاول ڀٽو جي مخالف ڌر سان ڳالهين بابت موقف جي مخالفت ڪندي موقف اختيار ڪيو ته عمران خان سياسي قوت ناهي، ان ڪري پي ٽي آءِ سان ڳالهين جي مخالفت ڪريون ٿا.

شاهه زين بگٽي موقف اختيار ڪيو ته اسان ڳالهين جي عمل خلاف ناهيون، عمران خان ڪوڙو آهي، جنهن تي اعتبار ناهي.

بلاول ڀٽو ملاقات ۾ پنهنجو موقف اختيار ڪندي چيو ته ڳالهين جا دروازا بند ڪرڻ نه رڳو اسان جي اصولن خلاف آهي پر اهو غير جمهوري ۽ غير سياسي به آهي، جنهن کي ختم ڪيو وڃي.

ذريعن موجب وزيراعظم هائوس ۾ حڪومتي اتحادين جو اجلاس ڪنهن به اتفاق راءِ کانسواءِ ختم ٿي ويو، اجلاس ۾ سمورين پارٽين گڏيل موقف اختيار ڪيو ته پارليامينٽ جي بالادستي هر صورت ۾ برقرار رهندي ۽ ايوان جي اٿارٽي تي پابندي لڳائڻ جي هر ڪوشش جي سخت مزاحمت ڪئي ويندي.

Read Previous

آرمي چيف دوست ملڪن کان فنانسنگ لاءِ وڏيون ڪوششون ڪيون، وزيراعظم

Read Next

لاهور هاءِ ڪورٽ پوليس کي عمران خان کي حراسان ڪرڻ کان روڪي ڇڏيو

Most Popular