پنجاب ۾ چونڊن لاءِ فنڊز ناهن مليا: اليڪشن ڪميشن جي سپريم ڪورٽ ۾ رپورٽ جمع

سپریم کورٹ

اسلام آباد: اليڪشن ڪميشن، ناڻي واري وزارت ۽ اسٽيٽ بئنڪ پنجاب اليڪشن ڪيس ۾ فنڊز جي فراهمي بابت رپورٽون سپريم ڪورٽ ۾ جمع ڪرائي ڇڏيون آهن.

اليڪشن ڪميشن سپريم ڪورٽ کي آگاهي ڏني ته چونڊن لاءِ فنڊ نه ملي سگهيا ۽ اسٽيٽ بئنڪ رقم منتقل نه ڪئي.

اسٽيٽ بئنڪ به پنهنجي رپورٽ سپريم ڪورٽ ۾ جمع ڪرائي ڇڏي، جنهن ۾ رقم جي منتقلي نه ٿيڻ جا سبب شامل آهن.

ناڻي واري وزارت به فنڊن بابت رپورٽ اٽارني جنرل آفيس ذريعي سپريم ڪورٽ ۾ جمع ڪرائي ڇڏي.

رپورٽ ۾ وفاقي ڪابينا جي فيصلي ۽ معاملو پارليامينٽ حوالي ڪرڻ، عدالتي حڪم تي اسٽيٽ بئنڪ کي فراهم ڪيل امداد جا تفصيل به شامل آهن. ناڻي واري وزارت رپورٽ ۾ فنڊن جي منتقلي تي قانوني پاسن کي به اجاگر ڪيو آهي.

Read Previous

حڪومت آءِ ايم ايف کي ٽي ارب ڊالرن جو فنانسنگ پلان فراهم ڪري ڇڏيو

Read Next

چين اسرائيل ۽ فلسطين وچ ۾ ٽياڪڙيءَ جي آڇ ڪري ڇڏي

Most Popular