پي ٽي آءِ پاران ڪراچي جي ميئر لاءِ حافظ نعيم جي حمايت جو فيصلو

پاڪستان تحريڪ انصاف

پاڪستان تحريڪ انصاف ڪراچي جي ميئر لاءِ حافظ نعيم الرحمان جي حمايت جو فيصلو ڪري ورتو آهي.

تحريڪ انصاف جي ترجمان جو چوڻ آهي ته ميئر جي چونڊ ۾ پي ٽي آءِ جماعت اسلامي جي اميدوار جي حمايت ڪندي.

ترجمان چيو ته پيپلز پارٽي ڪراچي جي ميئر جي چونڊ ۾ اڳواٽ ڌانڌلي ڪري رهي آهي، پيپلز پارٽي سنڌ پوليس ذريعي چونڊيل مڪاني ادارن جي نمائندن کي اغوا ڪري رهي آهي.

هن چيو ته پيپلز پارٽي 4 ڀيرا مڪاني چونڊن کان پوئتي ڀڳي، هو تڪڙ ۾ ميئر چونڊڻ چاهين ٿا، مڪاني ادارن جي نمائندن جي حلف کڻڻ کان اڳ کين اغوا ڪيو پيو وڃي.

سندس چوڻ آهي ته پي ٽي آءِ ان معاملي تي عدالت سان به رابطو ڪيو آهي، ميئر جي چونڊ شفاف طريقي سان ٿيڻ گهرجي.

ترجمان جو چوڻ آهي ته پيپلز پارٽي ۽ ايم ڪيو ايم عوامي مينڊيٽ کي تسليم ڪرڻ نٿا چاهين.

Read Previous

آڊيو ليڪس جي جاچ لاءِ جسٽس فائز عيسيٰ جي سربراهي ۾ 3 رڪني ڪميشن جوڙي وئي

Read Next

ڪراچي ۾ جلاءُ گهيراءُ: اکين ڏٺن شاهدن جا بيان عدالت ۾ رڪارڊ

Most Popular