جماعت اسلامي سان به ڳالهه ٻولهه ٿي آهي، ميئر پيپلز پارٽي جو هوندو، ناصر شاهه

پاڪستان پيپلز پارٽي جي اڳواڻ ناصر حسين شاهه چيو آهي ته ميئر پيپلز پارٽي جو هوندو، جماعت اسلامي سان به ڳالهه ٻولهه ٿي آهي.

ڪراچي ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي ناصر حسين شاهه چيو ته هر سياسي پارٽي پنهنجا فيصلا ڪرڻ ۾ آزاد آهي، جيڪڏهن ڪنهن وٽ اڪثريت آهي ته ان جو پهريون حق آهي.

هن چيو ته ڪراچي جي مسئلن لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻ چاهيون ٿا، انگن اکرن جي لحاظ کان پيپلز پارٽي جو انگ وڌيڪ آهي، اخلاقي طور جنهن به پارٽي وٽ عددي اڪثريت هجي ان کي ميئر ٿيڻ گهرجي.

ناصر حسين شاهه جو چوڻ آهي ته پي ٽي آءِ جا ايم پي ايز پارٽي کان لاتعلقي ڏيکاري رهيا آهن، جيڪڏهن يوسي چيئرمين پي ٽي آءِ کان لاتعلقي ڏيکاري ته اهو صحيح آهي.

پيپلز پارٽي جي اڳواڻ چيو ته بلاول جي دعويٰ پوري ٿيندي، جيالو ڪراچي جو ميئر هوندو، ڪنهن کي ڇو تنگ ڪنداسين؟ جيڪڏهن جلاءُ گهيراءُ تي ڪو قدم کنيو پيو وڃي ته ان کي روڪي نٿو سگهجي.

سندس چوڻ هو ته جنهن کي عددي اڪثريت هوندي اهو ميئر بڻائيندو، اسان ان کي روڪي نه سگهنداسين، ميئر جنهن به پارٽي جو هوندو ان جا اختيار ساڳيا هوندا، ايم ڪيو ايم جي ميئر کي به سنڌ حڪومت جي حمايت حاصل هئي.

Read Previous

ڪراچي ۾ جلاءُ گهيراءُ: اکين ڏٺن شاهدن جا بيان عدالت ۾ رڪارڊ

Read Next

عمران خان جي آمريڪي ڪانگريس ميمبر ميڪسين مور واٽرز سان مبينا آڊيو ليڪ ٿي وئي

Most Popular