لاهور ۾ پوليس بابر اعظم کي روڪي ورتو

لاهور جي مين لبرٽي چوڪ تي پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي ڪپتان بابر اعظم کي پوليس روڪي ورتو.

بابر اعظم کي ايڪسائيز پوليس لاهور جي لبرٽي چوڪ وٽان پنهنجي لگزري ڪار ۾ لنگهندي روڪيو.

ايڪسائيز پوليس بابر اعظم کي گاڏي جي نمبر پليٽ جي فونٽ سائيز کان گهٽ هجڻ سبب روڪيو، پوليس گاڏي جا ڪاغذ ۽ ٻيا ضروري دستاويز به پڇيا.

بابر اعظم پوليس اهلڪار سان مڪمل تعاون ڪيو، جنهن دوران کيس گاڏي جي نمبر پليٽ تبديل ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي.

Read Previous

عمران خان جي آمريڪي ڪانگريس ميمبر ميڪسين مور واٽرز سان مبينا آڊيو ليڪ ٿي وئي

Read Next

خواجه آصف کي هاڪي فيڊريشن بابت صحيح بريفنگ نه ڏني وئي، شهلا رضا

Most Popular