عمران خان کي ڪارڪنن جي نه پر پنهنجو ۽ زال جو فڪر آهي، ايمان مزاري

اسلام آباد: پاڪستان تحريڪ انصاف جي سينيئر اڳواڻ ۽ انساني حقن واري اڳوڻي وزير ڊاڪٽر شيرين مزاري جي ڌيءَ ايمان مزاري والده جي گرفتاري کانپوءِ عمران خان جي رويي تي تنقيد ڪئي آهي.

مقامي ٽي وي پروگرام ۾ ڳالهائيندي پي ٽي آءِ جي اڳوڻي وفاقي وزير جي ڌيءَ ايمان مزاري عمران خان جي ڪارڪنن ۽ اڳواڻن جي گرفتاري تي عدم دلچسپي ۽ لاتعلقي تي حيرانگي جو اظهار ڪيو.

ايمان مزاري چيو ته منهنجي ماءُ شيرين مزاري تحريڪ انصاف لاءِ سخت جدوجهد ڪئي ۽ وقت ڏنو پر جڏهن کيس گرفتار ڪيو ويو ته قيادت سندس ساٿ نه ڏنو.

ايمان مزاري شڪايت ڪئي ته منهنجي والده جي گرفتاري جي پنج ڇهه ڏينهن بعد عمران خان منهنجي ماءُ جي گرفتاري خلاف بيان ڏنو. هن وقت عمران خان وٽ صرف پاڻ ۽ سندس زال آهي.

Read Previous

9 مئي سانحو: ڪنهن به بيگناهه سان زيادتي نه ٿيندي ۽ ڪوبه وڳوڙي بچي نه سگهندو: وزيراعظم

Read Next

ڪابه نئين فوجي عدالت قائم نه ٿيندي: خواجا آصف

Most Popular