ڪابه نئين فوجي عدالت قائم نه ٿيندي: خواجا آصف

سيالڪوٽ: بچاءَ واري وزير خواجا آصف چيو آهي ته پي ٽي آءِ ۽ ان جا اڳواڻ اداري کي نشانو بڻائي رهيا آهن ۽ ان ۾ ٻيا ملڪ به ملوث آهن.

بچاءَ واري وزير اهڙن خيالن جو اظهار چونڊا ۾ شهيدن جي يادگار تي ميڊيا سان ڳالهائيندي ڪيو. بچاءَ وارو وزير يادگار تي قافلي جي صورت ۾ مسلم ليگ ن جي ڪارڪنن ۽ سول سوسائٽي سان گڏ پهتو. شهيدن جي مزارن تي حاضري ڀري فاتحه خواني ڪئي ۽ گلن جي چادر چاڙهي.

خواجا آصف چيو ته پاڪ فوج اسان جو فخر آهي، هن ملڪ لاءِ اسان جون جانيون ۽ مال قربان آهن، پي ٽي آءِ ۽ ان جا اڳواڻ ادارن کي نشانو بڻائي رهيا آهن ۽ انهن ۾ ٻيا ملڪ به ملوث آهن.

بچاءَ واري وزير چيو ته پاڪستاني عوام پنهنجي فوج سان پيار ڪري ٿو، باقاعده پلان تحت غلط تاثر پکيڙڻ جي ڪوشش ڪئي وئي.

Read Previous

عمران خان کي ڪارڪنن جي نه پر پنهنجو ۽ زال جو فڪر آهي، ايمان مزاري

Read Next

عمران خان پهريان ڪشمير ڪاز ۽ هاڻي پاڪستاني ڪاز کي نقصان پهچائي رهيو آهي، شرجيل ميمڻ

Most Popular