عمران خان پهريان ڪشمير ڪاز ۽ هاڻي پاڪستاني ڪاز کي نقصان پهچائي رهيو آهي، شرجيل ميمڻ

ڪراچي: اطلاعات، ٽرانسپورٽ ۽ ماس ٽرانزٽ واري وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آھي تھ ڪشمير جي معاملي تي ڪابھ سوديبازي نه ٿي ڪري سگھجي، ڇاڪاڻ تھ پيپلز پارٽي جي باني چيئرمين شھيد ذوالفقار علي ڀٽو چيو ھو تھ ڪشمير تي ڪنھن غلطي جي اجازت نه ٿي ڏئي سگھجي.

سنڌ آرڪائيوز ڪامپليڪس ڪلفٽن ڪراچي ۾ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آھي تھ ڪجھھ اھم ملڪ ڪشمير واري ٿيندڙ ڪانفرنس ۾ سرڪت لاءِ نھ پيا وڃن ۽ اھا پاڪستاني حڪومت ۽ پاڪستان جي پرڏيھي معاملن واري وزير بلاول ڀٽو زرداري جي ڪامياب سفارتڪاري جو ثبوت آھي.

ھن چيو عمران خان ڪشمير جي معاملي تي تمام گھڻيون ڪوتاھيون ۽ نااھليون ڪيون آھن، عمران خان چيو ھو تھ جيڪڏھن مودي کٽي ويندو نه ڪشمير جو مسئلو حل ٿي ويندو، عمران خان بي جي پي حمايت ڪئي پر عمران خان جي غلط پاليسين جي ڪري ڪشمير ڪاز کي نقصان پھتو، مودي اقتدار ۾ اچي ڪشميرين سان جيڪو بدترين سلوڪ ڪيو اُن جو مثال نه ٿو ملي.

ھن چيو نه اڄ بھ عمران خان پاڪستان جي ڪاز کي غير ملڪين جا انٽرويو ڏئي نقصان پھچائي رھيو آھي، ڪو بھ اھڙو شخص جيڪو پاڪستان جو وزير اعظم رھيو ھُجي ڪڏھن بھ اھڙيون نفرت ڀڙڪائڻ واريون ڳالھيون نھ ٿو ڪري سگھي جھڙيون عمران خان پنھنجي انٽرويوز ۾ ڪري رھيو آھي.

شرجيل انعام ميمڻ جو چوڻ ھو تھ ليڊر اھو آھي جيڪو پنھنجي قوم کي صحيح دڳ ڏيکاري، پر عمران خان ھر ڀيري پنھنجو موقف تبديل ڪرڻ ۽ يو ٽرن وٺڻ کي فخر جوڳو سمجھي ٿو.

ھن چيو تھ پنھنجي مفادن جي لاءِ، پنھنجي اقتدار جي لالچ لاءِ اُن حد تائين ڪِري پوڻ جو پنھنجي ئي ملڪ ۽ ادارن کي بدنام ڪرڻ ڪنھن بھ صورت ۾ ۽ قطعي طور تي سھپ جوڳو ناھي.

ھن چيو تھ عمران خان سائفر جو ڊرامو شروع ڪري پوري قوم کي ٽرڪ جي بتي پويان لڳايو تھ سندس حڪومت ڪيرائڻ ۾ آمريڪا جو ھٿ آھي ۽ اڄ اوھان غير ملڪين کي انٽرويو ڏيندي چئي رھيا آھيو تھ اوھان جي حڪومت ڪنھن ٻئي ڪيرائي آھي.

شرجيل انعام ميمڻ چيو تھ قوم کي عمران خان جي قول ۽ فعل ۾ ھر ھر تضاد تي غور ڪرڻ گھرجي ۽ سوچڻ گھرجي تھ ھي شخص اھڙي قسم جي ڳالھين سان ملڪ کي ڪٿي کڻي پيو وڃي.

ھن چيو تھ ھن شخص ڀارت ۽ اسرائيل کان فنڊنگ ورتي ۽ اڄ وري ھي شخص ڀارتي ۽ اسرائيلي لابيئسٽ جي مدد سان ملڪ ۾ انتشار ۽ ڏڦيڙ ڦھلائڻ جي ڪوشش ڪري رھيو آھي، ھي شخص ماڻھن جي ذھنن ۾ نفرتون ڀري رھيو آھي، ھي شخص تمام گھڻو ڪوڙ ڳالھائيندو آھي.

شرجيل انعام ميمڻ چيو تھ عمران خان پاڪستان جو واحد وزير اعظم آھي جنھن کي قانوني طريقي سان بي اعتمادي جي رٿ وسيلي ھٽايو ويو، عمران خان پاڪستان جي دوستن سان، ھن ملڪ جي خيرخواھن سان لاڳاپن کي نقصان پھچايو ۽ پاڪستان کي اڪيلائي ۾ کڻي ويو، عمران خان زبردستي ادارن کي سياست ۾ گھلڻ جي ڪوشش ڪري رھيو آھي ۽ پنھنجي ئي ملڪ جي سياستدانن ۽ ادارن خلاف نفرتون ڦھلائي رھيو آھي.

ھن چيو تھ سياستدانن جا نظريا مختلف ٿي سگھن ٿا، پر سياست ۾ نفرت ناھي ھوندي، پر اختلاف راءِ کي ڳالھين ذريعي حل ڪيو ويندو آھي، عمران خان نفرتون ڦھلائي، ماڻھن کي اتساھي قومي يادگار ڊاھي رھيو آھي، اُنھن کي نقصان پھچائي رھيو آھي.

شرجيل انعام ميمڻ چيو تھ عمران خان کي چونڊ وسيلي نھ پر سليڪٽ ڪري مصنوعي طريقي سان اقتدار ۾ آندو ويو ھو، جنھن جو اعتراف عمران خان پاڻ پنھنجي انٽرويوز ۾ ڪيو تھ قومي اسيمبلي ۽ سينيٽ ۾ سندس حڪومت جي نمبر ڪو ٻيو پورا ڪندو ھو.

هن چيو تھ پرڏيھي معاملن واري وزير بلاول ڀٽو زرداري، عمران خان جي دور ۾ خراب ڪيل سفارتي لاڳاپن کي ٻيھر بھتر بڻايو.

شرجيل انعام ميمڻ چيو تھ عمران خان پنھنجي لڙائي ۾ زوري ادارن کي آندو آھي، اسان کي ڪنھن جي گرفتاري تي خوشي ناھي ٿيندي، پر جڏھن اوھان گاڏيون، بسون، ملڪيتون ۽ قومي يادگارن کي نقصان رسائيندئو تھ پءِ ھر صورت ۾ اوھان خلاف قانوني ڪارروائي ٿيڻ گھرجي، عمران خان ۽ ٽي ٽي ۾ ھاڻي ڪوبھ فرق نظر نھ ٿو اچي.

ھن چيو تھ اوھان پاڪستان جي باني قائد اعظم محمد علي جناح جي رھائش گاھھ کي بھ ساڙيو، اُن کان وڏو ظلم ٻيو ڇا ٿي سگھي ٿو.

هن چيو تھ عمران خان وٽ پنھنجي سمورن سھولتڪارن جي باوجود فقط ھڪڙو ئي رستو آھي تھ ٽي وي تي اچي پنھنجي ڪرتوتن جي معافي وٺي.

شرجيل انعام ميمڻ چيو تھ عمران خان پنھنجي اقتدار جي حوس ۾ ملڪ کي نقصان پھچائڻ ۾رڌل آھي. جنھن کي ڪنھن بھ صورت ۾ برداشت نھ ٿو ڪري سگھجي.

هن چيو تھ القادر ڪيس ھڪ اوپن اينڊ شٽ ڪيس آھي، اُن ڪيس ۾ رڳو بينڪ اسٽيٽمينٽ ئي عمران خان جي سزا لاءِ ڪافي آھي.

شرجيل انعام ميمڻ چيو تھ عمران خان ھتي چوي ٿو تھ سندس حڪومت آمريڪا ڪيرائي آھي ۽ پاڪستان کي ٻاھر جي ماڻھن کي چيو ٿو تھ سندس حڪومت ادارن ڪيرائي آھي، سندس ڳالھين ۾ تضاد ئي تضاد، ڪوڙ ئي ڪوڙ آھي.

Read Previous

ڪابه نئين فوجي عدالت قائم نه ٿيندي: خواجا آصف

Read Next

ڀارت مگ 21 جنگي جهازن جي سموري فليٽ کي گرائونڊ ڪري ڇڏيو

Most Popular