ثقلين مشتاق جو پنهنجي ناٺي شاداب خان کي مشورو

پاڪستان جي اڳوڻي ساڄي هٿ جي آف اسپنر ثقلين مشتاق پنهنجي ناٺي ڪرڪيٽر شاداب خان کي زندگي جو اهم مشورو ڏنو آهي.

ثقلين مشتاق کي ٻه ڌيئرون ۽ هڪ پٽ آهي ۽ تازو ئي سندس وڏي ڌيءَ جي شادي ڪرڪيٽر شاداب خان سان ٿي آهي.

هو هڪ خانگي ٽي وي شو ۾ مهمان طور پيش ٿيو، جنهن ۾ هن زندگي جي مختلف رخن تي ڳالهايو.

هن شو دوران پنهنجي ناٺي شاداب خان کي صلاح ڏني ته هو ڏاڍو محنتي ڇوڪرو آهي ان ڪري هن کي وڌيڪ محنت ڪرڻ گهرجي پر محنت ٻن قسمن جي هوندي آهي جيڪا منهنجي پيءُ مونکي ٻڌائي هئي.

هن چيو ته سڀ کان پهرين سٺو انسان بڻجڻو آهي پوءِ زندگي جي صحيح رخ جو تعين ڪري سگهجي ٿو ۽ اها صلاح رڳو شاداب لاءِ نه پر سڀني لاءِ آهي.

Read Previous

شاهين شاهه آفريدي برطانيا روانو ٿي ويو

Read Next

وهاج علي ڪهڙي اداڪارا سان وڏي اسڪرين تي ڊيبيو ڪندو؟

Most Popular