حريت ڪانفرنس چين، سعودي عرب، ترڪي ۽ مصر جا ٿورا مڃيا

حريت ڪانفرنس گذريل ڏينهن والاريل ڪشمير ۾ جي 20 اجلاس جي بائيڪاٽ تي چين، سعودي عرب، ترڪي ۽ مصر جو شڪريو ادا ڪيو آهي.

حريت ڪانفرنس جو چوڻ آهي ته مودي حڪومت والاريل ڪشمير تي غير قانوني قبضي کي جواز بڻائڻ لاءِ ڊرامو رچائي رهي آهي.

حريت ڪانفرنس جو چوڻ آهي ته ڪو به عالمي پروگرام والاريل ڪشمير جي زميني صورتحال کي تبديل نٿو ڪري سگهي، ڀارتي فوج جي 20 اجلاس جي وفدن جي سيڪيورٽي جي نالي تي گهرن تي ڇاپا هڻي رهي آهي.

حريت ڪانفرنس جو اهو به چوڻ آهي ته گهرن ۾ داخل ٿي عورتن ۽ ٻارن کي به حراسان ڪيو پيو وڃي.

Read Previous

ڀارت ۾ مخالف ڌر پاران پارليامينٽ جي نئين عمارت جي افتتاحي تقريب جي بائيڪاٽ جو اعلان

Read Next

برٽش ايئر ويز پنهنجي نئين يونيفارم ۾ حجاب کي شامل ڪري ڇڏيو

Most Popular