برٽش ايئر ويز پنهنجي نئين يونيفارم ۾ حجاب کي شامل ڪري ڇڏيو

برٽش ايئر ويز پنهنجي عملي لاءِ حجاب جي آپشن سان گڏ نئون يونيفارم متعارف ڪرايو آهي.

پرڏيهي ميڊيا موجب گذريل 20 سالن ۾ برطانوي ايئرلائن جي يونيفارم ۾ اها پهرين وڏي تبديلي آهي، ان ۾ مردن لاءِ ٽي پيس سوٽ ۽ عورتن لاءِ ڪيترائي آپشنز شامل آھن.

پرڏيهي ميڊيا موجب عورت ايئر لائن جي ملازمن جي يونيفارم ۾ جديد جمپ سوٽ، حجاب، هاف آستين شرٽ ۽ ٻيا آپشن شامل آهن.

برٽش ايئر ويز جو چوڻ آهي ته حجاب ثقافتي ۽ مذهبي جذبن جو احترام ڪندي آرام ۽ سهولت لاءِ ٺاهيو ويو آهي.

پرڏيهي ميڊيا موجب برٽش ايئر ويز جا انجنيئر ۽ گرائونڊ اسٽاف پهريان نئون يونيفارم پائيندا، جنهن کانپوءِ ڪيبن عملو، پائلٽ ۽ چيڪ ان ايجنٽ به آهستي آهستي نئيون يونيفارم پائيندا.

Read Previous

حريت ڪانفرنس چين، سعودي عرب، ترڪي ۽ مصر جا ٿورا مڃيا

Read Next

سيوهڻ جي عدالت پاران نورين قتل ڪيس جا جوابدار وڌيڪ ٻن ڏينهن لاءِ پوليس حوالي

Most Popular