اسان جي نمائندگي ختم ڪئي پئي وڃي، حافظ نعيم الرحمان

امير جماعت اسلامي ڪراچي حافظ نعيم الرحمان چيو آهي ته اسان جي نمائندگي ختم ڪئي پئي وڃي.

ڪراچي ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي حافظ نعيم الرحمان چيو ته ملڪ ۾ آدمشماري ٿي رهي آهي.

هن چيو ته ڪراچي جي هڪ ڪروڙ 20 لک ماڻهن کي اڃا تائين ناهي ڳڻيو ويو.

حافظ نعيم الرحمان جو چوڻ آهي ته اسان پاڻ سروي ڪرايو آهي پر آدمشماري عملو ڪيترن ئي هنڌن تي نه پهتو آهي.

امير جماعت اسلامي ڪراچي چيو ته هي اسان جي ٻارن جي روزگار جو مسئلو آهي، جيڪڏهن سڀ ڪجهه ٺيڪ نه ڪيو ويو ته احتجاج ڪنداسين.

هنن جو اهو به چوڻ آهي ته هي ماڻهو قبضو ڪري ميئر ٿيڻ چاهين ٿا.

Read Previous

سنڌ حڪومت پاران ماحول دوست اليڪٽرڪ ٽيڪسي سروس متعارف ڪرائڻ جو فيصلو

Read Next

اچو پاڪستان خاطر نفرتن جي ڀت ڊاهڻ جو وچن ڪريون: بلاول ڀٽو

Most Popular