ڀارتي ڪرڪيٽ بورڊ هائبرڊ ماڊل تي ايشيا ڪپ کيڏڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو

ڀارتي ڪرڪيٽ بورڊ پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ جي هائبرڊ ماڊل تي ايشيا ڪپ کيڏڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو.

ڀارتي ميڊيا موجب بي سي سي آءِ هائبرڊ ماڊل تي کيڏڻ تي راضي نه ٿيو ۽ ڪرڪيٽ بورڊ به هائبرڊ ماڊل کيڏڻ جي خبرن جي ترديد ڪري ڇڏي.

ان حوالي سان ڀارتي ميڊيا جو چوڻ آهي ته بي سي سي آءِ ايشيا ڪپ کي غير جانبدار هنڌ منتقل ڪرڻ چاهي ٿي، ڀارتي ڪرڪيٽ بورڊ چاهي ٿو ته ٽورنامينٽ کي سريلنڪا منتقل ڪيو وڃي.

ايشين ڪرڪيٽ ڪائونسل جي صدر جئي شاه چيو آهي ته هو ايشيا ڪپ جي مستقبل جو پلان تيار ڪرڻ لاءِ ميمبرن سان ڳالهه ٻولهه ڪندو.

واضح رهي ته ان کان اڳ خبرون سامهون آيون هيون ته ڀارتي ڪرڪيٽ بورڊ ايشيا ڪپ پاڪستان جي هائبرڊ ماڊل تحت کيڏڻ تي راضي ٿي ويو آهي.

هائبرڊ ماڊل تحت انڪشاف ڪيو ويو آهي ته ايشيا ڪپ جا 4 ميچ پاڪستان ۾ ۽ باقي نيوٽرل وينز تي ٿيندا.

Read Previous

قطري شخص کي سمارٽ نماز جي جاءِ ايجاد ڪرڻ تي گولڊ ميڊل سان نوازيو ويو

Read Next

ايران 2 هزار ڪلوميٽرن تائين مار ڪندڙ بيلسٽڪ ميزائل تيار ڪري ورتو

Most Popular