ميڊيڪل رپورٽ موجب عمران خان جي ذهني حالت تي سواليه نشان آهي، عبدالقادر پٽيل

APP09-040722 ISLAMABAD: July 04 – Federal Minister for National Health Services Abdulqadir Patel addressing press conference regarding COVID 19. APP

صحت واري وفاقي وزير عبدالقادر پٽيل چيو آهي ته عمران خان جي ابتدائي ميڊيڪل رپورٽ ۾ انڪشاف ٿيو آهي ته هو شراب ۽ ڪوڪين جو استعمال ڪندو رهيو آهي.

ڪراچي ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي عبدالقادر پٽيل چيو ته جمهوري حڪومت ۾ هر دستاويز عوامي دستاويز هوندو آهي، گرفتاري کانپوءِ عمران خان کي پمز اسپتال نيو ويو.

هن چيو ته پمز اسپتال ۾ عمران خان لاءِ ميڊيڪل بورڊ به جوڙيو ويو، ان موقعي تي پي ٽي آءِ چيئرمين جي پيشاب جو نمونو به ورتو ويو.

وفاقي وزير وڌيڪ چيو ته شروعاتي رپورٽ ۾ انڪشاف ٿيو آهي ته عمران خان جي نمونن ۾ شراب ۽ ڪوڪين جا جزا مليا آهن.

هن چيو ته ڄاڻايل شخص پنجن ڇهن مهينن تائين پلستر لڳائي گهمندو رهيو پر ميڊيڪل رپورٽ ۾ ڪا به فريڪچر نه آئي.

هن چيو ته رپورٽ ۾ اهو به چيو ويو آهي ته پي ٽي آءِ چيئرمين جي ذهني حالت سواليه نشان آهي، عمران خان جون حرڪتون ڪنهن فٽ انسان جون نه هيون.

Read Previous

مراد راس عمران خان کان رستا ڌار ڪري ڇڏيا، اعلان ڪندي روئڻهارڪو ٿي ويو

Read Next

عمران نيازي جي هدايت تي ٽولو شهيدن جي يادگار تي حملي آور ٿيو، وزيراعظم

Most Popular