ڏکڻ ڪوريا ۾ اڏام دوران مسافر جهاز جو دروازو کولي ڇڏيو

ايشيانا فلائيٽ جي مسافر ڊيوگو ايئرپورٽ تي لينڊ ڪرڻ کان اڳ جهاز جو دروازو کولي ڇڏيو، جنهن سبب ٻين مسافرن ۽ اختيارين ۾ خوف پکڙجي ويو.

پرڏيهي ميڊيا رپورٽن موجب ڏکڻ ڪوريا جي شهر ڊيوگو ۾ هڪ مسافر جهاز جو دروازو کوليو، ايئرپورٽ تي لينڊ ڪرڻ کان ڪجهه منٽ اڳ دروازو کوليندڙ کي ڏکڻ ڪوريا پوليس حراست ۾ وٺي ڇڏيو.

ميڊيا رپورٽن موجب، ايئربس A321-200 مقامي وقت موجب 12:40 تي محفوظ طور تي لينڊ ڪيو. جهاز جيجو ٻيٽ کان هڪ ڪلاڪ جي اڏام کان پوءِ ڊيگو ايئرپورٽ تي لينڊ ڪرڻ وارو هو جنهن دوران ان جو دروازو کوليو ويو.

ڊيوگو فائر ڊپارٽمينٽ جي هڪ اهلڪار ميڊيا سان ڳالهائيندي ٻڌايو ته جهاز ۾ سوار 9 نوجوان مسافر دروازا کولڻ سبب ڪري پيا، کين ساهه کڻڻ ۾ ڏکيائي ٿي، جنهن سبب کين مقامي اسپتال منتقل ڪيو ويو.

Read Previous

آمريڪي خاتون اول کي خطاب دوران شرمندگي جو منهن ڏسڻو پيو

Read Next

ٽي 20 بلاسٽ ۾ تمام سٺا رانديگر آهن، شاهين شاهه آفريدي

Most Popular