ترڪي ۾ صدارتي چونڊن جو ٻيو مرحلو سڀاڻي ٿيندو

ترڪي ۾ صدارتي چونڊن جو ٻيو مرحلو سڀاڻي ٿيندو، جنهن ۾ صدر رجب طيب اردگان ۽ ڪمال ڪاليچ دار اولو وچ ۾ مقابلو ٿيندو.

پرڏيهي ميڊيا موجب ترڪي ۾ 14 مئي تي ٿيندڙ صدارتي چونڊن ۾ ڪو به اميدوار واضح برتري حاصل نه ڪري سگهيو.

پهرين مرحلي ۾ صدر اردگان کي 49.5 سيڪڙو ووٽ مليا ۽ ڪمال ڪاليچ دار اولو 44.9 سيڪڙو ووٽ حاصل ڪيا.

نيوز ايجنسي موجب چونڊن جي پهرين مرحلي ۾ صدر اردگان پارليامينٽ ۾ برتري حاصل ڪري ورتي آهي.

چونڊن ۾ ٽئين نمبر تي آيل صدارتي اميدوار سينان اعوان صدر اردگان جي حمايت جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي.

پرڏيهي ميڊيا موجب ثنا اعواڻ پهرين مرحلي ۾ 5.17 سيڪڙو ووٽ حاصل ڪيا.

Read Previous

ڀارت ۾ علامه اقبال تي مضمون نصاب مان ڪڍيو ويو

Read Next

ڏکڻ ڪوريا ۾ اڏام دوران جهاز جو دروازو کوليندڙ مسافر پوليس کي بيان ڏئي ڇڏيو

Most Popular