ڪراچي جي سٽي ڪورٽ ۾ مڙس جي فائرنگ ۾ عورت سخت زخمي

ڪراچي جي سٽي ڪورٽ ۾ مڙس جي فائرنگ ۾ عورت سخت زخمي ٿي پئي.

ڪراچي پوليس اختيارين موجب سٽي ڪورٽ ۾ فائرنگ ۾ زخمي ٿيل عورت صائمه سول اسپتال ۾ علاج هيٺ آهي.

اسپتال اختيارين جو چوڻ آهي ته عورت جو ٽراما سينٽر ۾ آپريشن ڪيو پيو وڃي، جنهن جي حالت نازڪ آهي، گولي پيٽ کي چيري جسم مان ٻاهر نڪتي.

واضح رهي ته عورت پنهنجي مڙس خلاف طلاق جو ڪيس داخل ڪرايو هو، پوليس موجب فائرنگ ڪندڙ جوابدار کي گرفتار ڪيو ويو آهي.

Read Previous

9 مئي جي واقعن ۾ ملوث جوابدارن کي سزا ڏياري دم پٽينداسين، مراد علي شاهه

Read Next

پيپلز پارٽي آئين کي پائمال ڪري ڪراچي جو ميئر بڻائڻ چاهي ٿي: حافظ نعيم

Most Popular