پيپلز پارٽي آئين کي پائمال ڪري ڪراچي جو ميئر بڻائڻ چاهي ٿي: حافظ نعيم

جماعت اسلامي ڪراچي جي امير حافظ نعيم الرحمان جو چوڻ آهي ته لاڏلن جو مطالبو آهي ته صدر ٽائون جيالن کي ڏنو وڃي، پيپلز پارٽي آئين کي لتاڙي ڪراچي جو ميئر بڻائڻ چاهي ٿي.

جماعت اسلامي ڪراچي جي امير حافظ نعيم الرحمان ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته اليڪشن جي نالي تي عوام سان مذاق ڪيو پيو وڃي، اليڪشن ڪميشن پيپلز پارٽي جي غلام بڻجي وئي آهي.

هنن چيو ته تحريڪ انصاف جون مخصوص سيٽون آر اوز جي لسٽ مان غائب ٿي ويون آهن، اليڪشن ڪميشن پنهنجي ذميواري پوري ڪري، ڪراچي جو ميئر جماعت اسلامي جو هوندو، تحريڪ انصاف جا نمائندا اسان سان رابطي ۾ آهن.

حافظ نعيم الرحمان چيو آهي ته شهر ۾ لوڪل گورنمينٽ سنگين مسئلن کي منهن ڏئي رهي آهي، ڪي فور منصوبو 18 سالن ۾ نه ٺهي سگهيو، بلاول ٻڌائي ته ڪي فور پلان ڇو نه ٺاهيو ويو؟

هن چيو ته توهان کي ٽينڪر مفت ملندا، غريبن کان پڇو ته هو ڪهڙي صورتحال کي منهن ڏئي رهيا آهن، سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ فوري ٻڌڻي جي درخواست ڪئي آهي.

جماعت اسلامي ڪراچي جي امير چيو ته مڪاني چونڊون يرغمال بڻيل آهن، سنڌ حڪومت انهن چونڊن تي قبضو ڪرڻ لاءِ گندا حربا استعمال ڪري رهي آهي.

سندس چوڻ آهي ته اڍائي سالن جي جدوجهد کانپوءِ مڪاني ادارن جون چونڊون ٿيون، تڪراري ووٽر لسٽن باوجود جماعت اسلامي کي سڀ کان وڌيڪ ووٽ مليا.

Read Previous

ڪراچي جي سٽي ڪورٽ ۾ مڙس جي فائرنگ ۾ عورت سخت زخمي

Read Next

رجب طيب اردگان مسلسل ٻيو ڀيرو ترڪي جو صدر چونڊجي ويو

Most Popular