رجب طيب اردگان مسلسل ٻيو ڀيرو ترڪي جو صدر چونڊجي ويو

رجب طيب اردگان مسلسل ٻيو ڀيرو ترڪي جو صدر چونڊجي ويو.

سرڪاري ميڊيا موجب ترڪي جي سپريم اليڪشن ڪائونسل جو چوڻ آهي ته صدر طيب اردگان ووٽن جي ڳڻپ دوران 52.09 سيڪڙو ووٽن سان ڪاميابي ماڻي آهي.

ياد رهي ته 14 مئي تي ٿيل چونڊن ۾ ڪنهن به پارٽي کي 50 سيڪڙو ووٽ نه مليا هئا، جنهن سبب ووٽنگ جو عمل ٻيهر ڪيو ويو هو.

طيب اردگان جي پيپلز الائنس 49.52 سيڪڙو ووٽ حاصل ڪيا.

ترڪ ميڊيا جي رپورٽ موجب ووٽنگ دوران هن وقت تائين جي نتيجن جي حوالي سان رجب طيب اردگان کي 53.4 سيڪڙو ووٽ مليا آهن.

طيب اردگان کي ممڪنه فتح تي پاڪستان سميت دوست ملڪن طرفان مبارڪون ملڻ شروع ٿي ويون.

فتح کانپوءِ پنهنجي بيان ۾ صدر طيب اردگان چيو ته اسان پنهنجي قوم جي حمايت سان صدارتي چونڊن جو ٻيو دور مڪمل ڪيو آهي.

ياد رهي ته طيب اردگان ترڪي تي حڪومت ڪندو. هو آگسٽ 2014ع ۾ ترڪي جو وزيراعظم ٿيو. هو جولاءِ 2018ع ۾ صدارتي نظام تحت ترڪي جو پهريون صدر چونڊيو ويو.

Read Previous

پيپلز پارٽي آئين کي پائمال ڪري ڪراچي جو ميئر بڻائڻ چاهي ٿي: حافظ نعيم

Read Next

نئين ڀارتي پارليامينٽ جي افتتاح تي مودي جي سامهون سوره رحمان جي تلاوت

Most Popular