زائرا وسيم برقعو پهري شاديءَ ۾ کاڌو کائڻ واري عورت جي حمايت ۾ سامهون اچي وئي

اسلام جي خاطر 2019 ۾ بالي ووڊ کي الوداع چئي ويندڙ زائره وسيم هڪ اهڙي عورت جي حمايت ۾ سامهون اچي وئي آهي، جيڪا شادي ۾ نقاب پهري کاڌو کائي رهي آهي.

مائيڪرو بلاگنگ ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي هڪ صارف عورت جي نقاب ۽ شادي ۾ کاڌو کائڻ جي تصوير شيئر ڪندي سوال ڪيو ته ڇا هي انساني طريقو آهي؟

زائره وسيم ان صارف کي جواب ڏيندي لکيو ته مون تازو ئي هڪ شادي ۾ شرڪت ڪئي ۽ اهڙي ئي طريقي سان کاڌو کاڌو.

هن وڌيڪ لکيو ته منهنجي آس پاس موجود ماڻهو مون کي نقاب لاهڻ لاءِ تنگ ڪندا رهيا پر مون هٽائڻ کان انڪار ڪيو.

واضح رهي ته 22 ورهين جي زائره وسيم بالي ووڊ کي الوداع چوڻ کان اڳ ڪجهه تمام پرڪشش ۽ اثرائتا ڪردار ادا ڪيا هئا.

2016ع ۾ هن پنهنجي ڪيريئر جي شروعات مسٽر پرفيڪٽ عامر خان جي فلم ”دنگل“ سان ڪئي، ان کانپوءِ 2017ع ۾ هوءَ ٻيهر عامر خان سان فلم ”سيڪريٽ سپر اسٽار“ ۾ نظر آئي.

Read Previous

ياسين ملڪ تي ٿرڊ ڊگري تشدد ڪيو پيو وڃي، مشال ملڪ

Read Next

هانيه عامر ۽ وهاج علي جو دل کي ڇهندڙ نئون فوٽو شوٽ

Most Popular