واٽس ايپ ۾ گروپ چيٽنگ کي بهتر بڻائڻ لاءِ هڪ نئون تجربو

واٽس اپ ۾ هن وقت تائين ڪيترائي فيچر متعارف ڪرايا ويا آهن هاڻي واٽس اپ پنهنجي نئين ورجن 2.23.11.11 ۾ گروپ چيٽنگ لاءِ نوان آپشن ۽ سهولتون متعارف ڪرايون آهن، انهن تبديلين جو مطالبو ڪافي عرصي کان ڪيو پيو وڃي.

هن نئين ورجن ۾ گروپ چيٽنگ کي مڪمل طور تبديل ڪيو ويو آهي، في الحال، ڪجهه استعمال ڪندڙ ڪيترن ئي آپشنن سان گڏ، ميسيجنگ سميت ان کي تجرباتي طور تي استعمال ڪري رهيا آهن.

نيويگيشن کي نئين تبديلين تحت آسان ڪيو ويو آهي ۽ آسان پهچ لاءِ وڌيڪ اختيارات ھڪڙي اختيار ھيٺ رکيا ويا آھن.

نئين تبديلين کانپوءِ ايڊيٽ گروپ هيٺان آئڪن، ڊسڪرپشن، گم ٿيندڙ پيغام، انهن جي ٽائمر وغيره جا آپشن وڌايا ويا آهن.

گروپ ۾ ٻين کي دعوت ڏيڻ لاءِ هڪ بٽڻ پڻ شامل ڪيو ويو آهي، اهڙي طرح گروپ ايڊمن ڪنٽرول لاءِ ڪجهه نوان آپشن متعارف ڪرايا ويا آهن.

Read Previous

نيشنل گيمز ۾ آرمي پهرين پوزيشن تي برقرار

Read Next

سمهڻ کان اڳ فيس بوڪ تي پوسٽ ڪرڻ کان پاسو ڪريو

Most Popular