عدالت عمران خان جي گهر جا سرچ وارنٽ غير موثر قرار ڏئي ڇڏيا

لاهور جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت اڳوڻي وزيراعظم عمران خان جي گهر جا سرچ وارنٽ غير موثر قرار ڏئي ڇڏيا.

عمران خان جي گهر جا سرچ وارنٽ جاري ٿيڻ تي دهشتگردي ٽوڙ عدالت جي جج عمران خان جي درخواست تي فيصلو محفوظ ڪيو.

عدالت چيو ته سرچ وارنٽ هڪ دفعو مليا آهن اهي مستقل نه هوندا آهن.

عمران خان جي گهر جا سرچ وارنٽ جاري ٿيڻ تي ڪمشنر ۽ ڊپٽي ڪمشنر ٻين آفيسرن سان گڏ لاهور جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت ۾ پيش ٿيا.

جج عبهر گل پڇاڻو ڪيو ته توهان ڪهڙي مقصد لاءِ عمران خان جي گهر ويا هئا، ڇا سرچ وارنٽ تي عمل ٿي چڪو آهي؟

عدالت ۾ ڪمشنر جواب ڏنو ته اسان زمان پارڪ ٻاهران حددخليون هٽائڻ لاءِ عمران خان جي گهر ويا هئاسين، اسان اڃا تائين سرچ وارنٽ تي عمل ناهي ڪيو.

ڪمشنر لاهور چيو ته عمران خان زمان پارڪ ٻاهران حددخليون هٽائڻ تي اتفاق ڪيو هو.

عدالت جاچ آفيسر کان پڇاڻو ڪيو ته توهان کي اڃا تائين عمران خان جي گهر جي سرچ وارنٽ جي ضرورت آهي؟ جنهن تي جاچ آفيسر چيو ته هو آفيسرن سان مشاورت بعد جواب ڏيندو.

عدالت ڊي آءِ جي کي به ذاتي حيثيت ۾ پيش ٿيڻ جو حڪم ڏنو.

Read Previous

نواز شريف ۽ جهانگير ترين اپيل ڪري سگهندا: سپريم ڪورٽ ريويو ائنڊ ججمنٽس آرڊر قانون بڻجي ويو

Read Next

ڏکڻ پنجاب مان اهم شخصيتن جي پيپلز پارٽي ۾ شموليت جو امڪان

Most Popular