آڊيو ليڪس ڪميشن به سپريم ڪورٽ جي بينچ تي اعتراض واري ڇڏيا

سپريم ڪورٽ جي جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي سربراهي ۾ آڊيو ليڪس ڪميشن به سپريم ڪورٽ جي بينچ تي اعتراض اٿاري ڇڏيا.

آڊيو ليڪس ڪميشن عدالت ۾ جمع ڪرايل پنهنجي جواب ۾ چيو آهي ته ڪو به جج ذاتي مفادن بابت ڪيس جي ٻڌڻي نٿو ڪري سگهي.

جمع ڪرايل جواب ۾ ڪميشن استدعا ڪئي ته چيف جسٽس عمر عطا بنديال جي سربراهي ۾ 5 رڪني بينچ آڊيو ليڪس ڪميشن خلاف ڪيس جي ٻڌڻي نه ڪري.

آڊيو ليڪس ڪميشن طرفان جمع ڪرايل جواب ۾ چيو ويو آهي ته مبينا آڊيو ليڪ بابت ٻين ماڻهن سپريم ڪورٽ ۾ درخواست داخل ناهي ڪئي ۽ نه ئي ڪميشن خلاف ڪو اعتراض اٿاريو آهي.

جواب ۾ چيو ويو ته اليڪشن ڪميشن آرٽيڪل 209 تي پنهنجو موقف پهرين اجلاس ۾ واضح ڪيو هو، واضح ڪيو ته ڪميشن جي ڪارروائي کي سپريم جڊيشل ڪائونسل جي ڪارروائي نه سمجهيو وڃي.

جواب ۾ آڊيو ليڪس ڪميشن جو چوڻ آهي ته صدر سپريم ڪورٽ بار آڊيو ليڪس ڪميشن خلاف درخواست داخل ڪئي آهي.

سپريم ڪورٽ ۾ جمع ڪرايل جواب ۾ آڊيو ليڪس ڪميشن چيو آهي ته آڊيو ليڪس جي جاچ ۾ ڪميشن جي ڪا به ذاتي دلچسپي ناهي، قانون تحت ڪميشن کي اها ذميواري ڏني وئي آهي.

جمع ڪرايل جواب ۾ چيو ويو آهي ته ڪميشن آئين ۽ قانون موجب پنهنجي ذميواري پوري ڪندي، ڪميشن يقين ڏياريندي ته لاڳاپيل ڌرين جا اعتراض ٻڌا ويندا ۽ غور ويچار ڪيو ويندو.

آڊيو ليڪس ڪميشن پنهنجي ردعمل ۾ چيو آهي ته صحافي قيوم صديقي ۽ خواجا طارق رحيم ڪميشن آڏو پيش ٿيڻ لاءِ تيار آهن، ججن قسم کنيو آهي ته هو آئين ۽ قانون موجب پنهنجا فرض سرانجام ڏيندا، آئيني درخواستون قابل قبول ناهن.

انڪوائري ڪميشن 5 رڪني بئنچ جي ٺهڻ جي طريقيڪار تي به اعتراض اٿاريندي چيو آهي ته بينچ جي قيام جو معاملو ججز ڪميٽي آڏو نه رکيو ويو، بهتر هوندو ته 5 رڪني بينچ جي ٻڌڻي 11 مئي تائين ملتوي ڪئي وڃي.

Read Previous

سنڌ ۾ ڌاڙيلن جو خاتمو ڪري هر حال ۾ امن امان بحال ڪنداسين: آءِ جي سنڌ

Read Next

آءِ ايم ايف مشن چيف جو بيان پاڪستان جي اندروني معاملن ۾ مداخلت قرار

Most Popular