چيٽ جي پي ٽي ٽِڪ ٽاڪ ۽ انسٽاگرام کان اڳتي نڪري وئي

سڄي دنيا ۾ سڀ کان وڌيڪ مشهور ۽ وڏي پيماني تي استعمال ٿيندڙ ايپليڪيشن چيٽ جي پي ٽي ماضي ۽ حال جي سڀني مشهور ۽ وڏي ايپليڪيشنن کي پوئتي ڇڏي ڏنو آهي.

نومبر 2022 جي آخر ۾ ان جي شروعات کان وٺي، چيٽ جي پي ٽي استعمال ڪندڙن جو تعداد هر گذرندڙ ڏينهن سان تيزيءَ سان وڌي رهيو آهي ۽ رفتار اڃا به وڌي رهي آهي.

پرڏيهي ميڊيا موجب صرف 2 مهينن ۾ 10 ڪروڙ فعال صارفين ان تائين پهچ حاصل ڪئي آهي.

ٽيڪنالاجي مانيٽرنگ ڪمپني سينسر ٽائون موجب ٽڪ ٽاڪ کي ان تعداد تائين پهچڻ ۾ 9 مهينا لڳي ويا جڏهن ته انسٽاگرام کي اڍائي سال لڳي ويا.

چيٽ جي پي ٽي هڪ مصنوعي ذهانت تي ٻڌل پليٽ فارم آهي، جيڪو تقريبن ڪنهن به موضوع تي جواب ڏئي سگهي ٿو.

شاگردن، استادن ۽ ڊاڪٽرن سميت هر عمر ۽ شعبن جا ماڻهو سڄي دنيا ۾ ان کي استعمال ڪري رهيا آهن.

Read Previous

ڪي اليڪٽرڪ ڪراچي ۾ بجليءَ جي اڻ اعلانيل لوڊشيڊنگ جي ترديد ڪري ڇڏي

Read Next

موٽر وي اسڪينڊل ڪيس ۾ گرفتار جوابدار وڌيڪ چئن ڏينهن لاءِ نيب حوالي

Most Popular