حڪومت پاران بجيٽ کان فوري پوءِ ايندڙ پروگرام لاءِ آءِ ايم ايف سان ڳالهين جو فيصلو

حڪومت بجيٽ کانپوءِ ايندڙ پروگرام لاءِ انٽرنيشنل مانيٽري فنڊ (آءِ ايم ايف) سان ڳالهيون ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي.

ذريعن موجب حڪومت آءِ ايم ايف کان موجوده قرض جو پروگرام ختم ڪرڻ جو اصولي فيصلو ڪري ورتو آهي.

موجوده پروگرام 30 جون تي ختم ٿي رهيو آهي، هن پروگرام ۾ 2 بلين ڊالر کان وڌيڪ قرض مليا آهن.

هڪ ارب ڊالرن جي قرض لاءِ ڳالهيون مڪمل ٿي چڪيون آهن پر اسٽاف سطح تي معاهدو نه ٿي سگهيو آهي، اسٽاف ليول تي معاهدو ٿيڻ باوجود ڏهين ۽ يارهين جائزي جون ڳالهيون ٿيڻيون آهن.

امڪان آهي ته 2 نظرثاني جون ڳالهيون 30 جون کان اڳ مڪمل ڪيون وينديون، موجوده قرض پروگرام 30 جون تي ختم ٿي ويندو، حڪومت پروگرام ۾ واڌ نه ڪندي.

ايندڙ پروگرام لاءِ آءِ ايم ايف سان ڳالهيون بجيٽ کانپوءِ فوري طور تي شروع ٿينديون، جيڪڏهن پي ڊي ايم حڪومت ۾ ڳالهيون مڪمل نه ٿيون ته نگران حڪومت نئون قرض پروگرام مڪمل ڪندي.

اقتصادي ٽيم آءِ ايم ايف سان قرض جي نئين معاهدي تي ڳالهين لاءِ تياريون شروع ڪري ڇڏيون آهن.

Read Previous

اوپن مارڪيٽ ۾ ڊالر ساڍا 11 رپيا سستو

Read Next

پارليامينٽ جي اندروني ڪارروائي ۾ عدليه جي مسلسل مداخلت افسوسناڪ آهي: رضا رباني

Most Popular