يو اي اي آمريڪا جي قيادت ۾ اتحاد سان ڪم ڪرڻ بند ڪري ڇڏيو

متحده عرب امارات آمريڪا جي اڳواڻي ۾ نار سامونڊي اتحاد سان ڪم ڪرڻ بند ڪري ڇڏيو.

يو اي اي جي پرڏيهي معاملن واري وزارت هڪ بيان ۾ چيو آهي ته ان قدم جو سبب ٻڌائڻ کانسواءِ، يو اي اي ٻه مهينا اڳ 38 ملڪن جي گڏيل سامونڊي فوجن ۾ شموليت تان دستبردار ٿي چڪي هئي.

رپورٽن مطابق آمريڪا جي سربراهي ۾ گلف ميري ٽائيم الائنس جهازن جي حفاظت ڪري رهيو آهي.

آمريڪي ميڊيا موجب اماراتي جهازن کي تحفظ فراهم نه ڪرڻ تي متحده عرب امارات آمريڪا سان ناراضگي جو اظهار ڪيو هو.

Read Previous

پارليامينٽ جي اندروني ڪارروائي ۾ عدليه جي مسلسل مداخلت افسوسناڪ آهي: رضا رباني

Read Next

ڪم جونگ ان جي خراب صحت بابت ڏکڻ ڪوريا جي وڏي دعويٰ

Most Popular