پاڪستان ۽ سريلنڪا وچ ۾ ون ڊي ميچز نه ٿي سگهنديون

پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم پاران سريلنڪا جي دوري ۾ ون ڊي ميچن کي شامل ڪرڻ جي تجويز تي اتفاق نه ٿي سگهيو.

ذريعن موجب سريلنڪا ڪرڪيٽ ورلڊ ڪپ کان اڳ دوري ۾ ون ڊي ميچن کي شامل ڪرڻ جي تجويز ڏني هئي.

ان حوالي سان ذريعن جو چوڻ آهي ته پاڪستان ۽ سريلنڪا بورڊ وچ ۾ ان معاملي تي شروعاتي ڳالهه ٻولهه ٿي هئي پر اڻٽر سببن جي ڪري وائيٽ بال سيريز فائنل نه ٿي سگهي.

پاڪستان ۽ سريلنڪا وچ ۾ سيريز هاڻي رڳو ٽيسٽ ميچن تي مشتمل هوندي ۽ اهي 2 ٽيسٽ ميچون آءِ سي سي ٽيسٽ چيمپيئن شپ جو حصو آهن.

ذريعن موجب ٽيسٽ سيريز جولاءِ ۾ کيڏي ويندي، جنهن جي شيڊول جو اعلان سريلنڪا ڪرڪيٽ جلد ڪندو.

Read Previous

جبران ناصر جي اغوا جو ڪيس ڪراچي جي ڪلفٽن ٿاڻي ۾ داخل

Read Next

عثمان بوزدار جو سياست تان هٿ کڻڻ جو اعلان

Most Popular