جونيئر ايشيا ڪپ: ڀارت پاڪستان کي فائنل ۾ شڪست ڏئي ڇڏي

ڀارت جونيئر ايشيا ڪپ هاڪي ٽورنامينٽ جي فائنل ۾ پاڪستان کي شڪست ڏئي کٽي ورتو.

پاڪستان ۽ ڀارت وچ ۾ فائنل ميچ ڏسڻ لاءِ مداحن جو وڏو انگ صلالا اسپورٽس ڪامپليڪس پهتو.

ميچ تيز رفتاري سان شروع ٿي، ڀارتي ٽيم لڳاتار ٽي پنالٽي ڪارنر حاصل ڪيا، جيڪي ضايع ٿي ويا، پر ارائجيت سنگهه 13هين منٽ ۾ گول ڪري ڀارت کي برتري ڏياري.

ٻئي ڪوارٽر ۾ ڀارت هڪ ٻيو گول ڪيو، هن ڀيري اسڪورر ارائجيت سنگهه هو.

ٻئي ڪوارٽر جي آخر تائين ڀارت کي 2-0 جي برتري حاصل هئي، ٽئين ڪوارٽر ۾ پاڪستاني ٽيم ڪيترائي حملا ڪيا ۽ 38هين منٽ ۾ بشارت علي گول ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو.

Read Previous

ڪراچي ۾ 13 ورهين جي مغوي نينگري بازياب، 2 جوابدار گرفتار

Read Next

ليونل ميسي جو ‘مستقبل’ بارسلونا ڏانهن واپسي يا سعودي ڪلب سان معاهدو؟

Most Popular