ڇا علي ظفر سياست ۾ اچڻ وارو آهي؟

پاڪستان شوبز انڊسٽري سان لاڳاپيل دنيا جي مشهور اداڪار، ماڊل ۽ ڳائڻي علي ظفر سياست ۾ انٽري بابت گردش ڪندڙ خبرن تي خاموشي ٽوڙي ڇڏي.

ورسٽائل ڳائڻي علي ظفر مائيڪرو بلاگنگ سائيٽ ٽوئيٽر تي ٽوئيٽ ڪيو ۽ اهڙين گردش ڪندڙ خبرن جي سختي سان ترديد ڪئي جنهن ۾ دعويٰ ڪئي وئي ته علي ظفر سياست ۾ اچڻ وارو آهي.

ٽوئيٽ ڪندي هن لکيو ته ”مون کي فيس بڪ تي ڪجهه خبرون جون لنڪس شيئر ڪيون ويون آهن جنهن موجب مان سياست يا سياسي پارٽي ۾ شامل ٿيڻ وارو آهيان“.

هن وڌيڪ لکيو ته مان هڪ ڀيرو ٻيهر ورجايان ٿو ته مان نه سياست ۾ اچي رهيو آهيان ۽ نه ئي منهنجو اهڙو ڪو ارادو آهي، ان ڪري مهرباني ڪري اهڙين ڪوڙي خبرن تي يقين نه ڪيو.

Read Previous

پاڪستاني ٿري ڊي فلم ”الله يار اينڊ 100 فلاورز آف گاڊ“ جو ٽريلر جاري

Read Next

جناح هائوس حملي ڪيس ۾ ڊاڪٽر ياسمين راشد کي بري

Most Popular