بجيٽ ۾ ٻارڙن لاءِ امپورٽيڊکير تي ٽيڪس وڌائڻ جي تجويز

ايندڙ بجيٽ ۾ ٻارن لاءِ امپورٽ ٿيل کير تي سيلز ٽيڪس وڌائڻ جي تجويز سامهون آئي آهي.

فيڊرل بورڊ آف روينيو (ايف بي آر) ذريعن موجب امپورٽڊ بيبي کير تي سيلز ٽيڪس 12 مان وڌائي 18 سيڪڙو ڪرڻ جو امڪان آهي.

ذريعن موجب ڊبن جي گوشت ۽ مڇي تي سيلز ٽيڪس کي 18 سيڪڙو تائين وڌائڻ جي تياري ڪئي پئي وڃي، جڏهن ته ڊبل مرغي ۽ ان جي ٻين شين تي سيلز ٽيڪس به 18 سيڪڙو وڌائڻ جي تجويز ڏني وئي آهي.

ايف بي آر ذريعن موجب روزاني استعمال جي شين تي سيلز ٽيڪس 18 سيڪڙو برقرار رکيو ويندو.

چانهه، کنڊ، جيم، جيلي، صابڻ، صرف، ڊش واشنگ، ٽوٿ پيسٽ، ٽوٿ برش، مائوٿ فريشنر، چانهه جي پتي ۽ کنڊ گرين ڪافي تي سيلز ٽيڪس 18 سيڪڙو برقرار رکڻ جو امڪان آهي.

Read Previous

مستقبل جي سياسي حڪمت عملي لاءِ جهانگير هم خيال گروپ جو اجلاس

Read Next

پرويز الاهي جي ترجمان اقبال چوڌري کي آزاد ڪيو ويو

Most Popular