جوابدارن کي سڃاڻپ کانپوءِ گرفتار ڪيو ويو آهي، آءِ جي پنجاب

آءِ جي پنجاب ڊاڪٽر عثمان انور چيو آهي ته جوابدارن کي سڃاڻپ کانپوءِ گرفتار ڪيو ويو آهي.

لاهور ۾ ٻين پوليس آفيسرن سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي آءِ جي پنجاب چيو ته 9 مئي جو واقعو اوچتو نه ٿيو، اهو سڀ ڪجهه منظم ۽ سوچيل سمجهيل رٿابنديءَ تحت ڪيو ويو.

هن چيو ته اسان وٽ شرپسندن جي هر فون ڪال جي ڊيٽا موجود آهي.

ڊاڪٽر عثمان انور وڌيڪ چيو ته سوشل ميڊيا تي ادارن خلاف پروپيگنڊا ڪئي وئي، سمورا ثبوت عدالت ۾ پيش ڪيا ويندا.

هن چيو ته جنهن هوائي فوج ڀارت جا ڏند کٽا ڪيا، ان جي تنصيبن تي حملا ڪيا ويا.

آءِ جي پنجاب جو اهو به چوڻ هو ته جوابدارن کي سڃاڻپ کانپوءِ گرفتار ڪيو ويو آهي، سڀني کي عدالتن ۾ پيش ڪيو ويندو.

Read Previous

جلد نين بسن سميت ٽيڪسي سروس شروع ڪري رهيا آهيون، شرجيل انعام ميمڻ

Read Next

جناح هائوس حملو ڪيس: پنجاب پوليس جو ياسمين راشد جي بريت کي چئلينج ڪرڻ جو فيصلو

Most Popular