آسٽريليا جي شهر سڊني ۾ خالصتان جي آزاديءَ لاءِ ريفرنڊم

آسٽريليا جي شهر سڊني ۾ خالصتان جي آزادي لاءِ ريفرنڊم ٿيو.

پرڏيهي خابرو اداري موجب ريفرنڊم ۾ 31 هزار کان وڌيڪ سکن خالصتان جي قيام جي حق ۾ ووٽ ڏنو.

آسٽريليا ۾ خالصتان جي قيام لاءِ ووٽنگ جو ٽيون مرحلو جاري آهي، ميلبورن ۽ برسبين ۾ به خالصتان لاءِ ريفرنڊم ٿي چڪو آهي.

ميلبورن ۾ 50,000 کان وڌيڪ سکن ۽ 11,000 برسبين ۾ ووٽ ڪيو.

ووٽ ڏيڻ لاءِ آيل سکن خالصتان جي قيام لاءِ پرجوش نعرا هنيا.

Read Previous

هم خيال ميمبرن ڊيموڪريٽس جي نالي سان نئون گروپ ٺاهيو آهي: مراد راس

Read Next

امارات جو وچ اوڀر ۾ فلسطيني پناهگيرن لاءِ امداد جو اعلان

Most Popular