اڀيشڪ بچن جو پنهنجي والدين جي شادي جي 50 هين سالگرهه تي خوبصورت پيغام

ڀارتي اداڪار اڀيشڪ بچن پنهنجي والدين، ليجنڊ اداڪارا اميتاڀ بچن ۽ جيا بچن جي شادي جي 50 هين سالگرهه تي جذباتي پيغام لکيو.

ڀارتي ميڊيا جي رپورٽ موجب اڀيشيڪ بچن جڏهن پنهنجي والدين جي شادي جي سالگرهه تي هڪ پيغام لکيو ته اميتاڀ بچن جي والد ان تي ردعمل ظاهر ڪيو.

اميتاڀ بچن ۽ جيا بچن اڄ پنهنجي شادي جي 50 هين سالگرهه ملهائي رهيا آهن، ٻنهي جي شادي 1973ع ۾ ٿي هئي.

ليجنڊا اداڪار ۽ اداڪاره ۾ هميشه هڪ اسڪرين بانڊ هو، جيڪو بعد ۾ محبت ۾ تبديل ٿي ويو.

اميتاڀ بچن ۽ جيا بچن جي پٽ ۽ اداڪار اڀيشڪ بچن سوشل ميڊيا تي پنهنجي والدين جون خوشيون ٻيڻيون ڪيون.

هن پنهنجي والدين جون ڪيتريون ئي تصويرون شيئر ڪيون ۽ کين شاديءَ جي 50هين سالگرهه جي مبارڪ ڏيندي چيو ته ڪيترن ئي گولڊن جوبليز ۾ هي سڀ کان خاص آهي.

Read Previous

عورت مارچ کان پوءِ خلع جي شرح وڌي وئي آهي، نازش جهانگير

Read Next

جيڪو چوندو هو “ڪلا اِي ڪافي آن، آج ڪلا ئي بيٺا اي“، مريم نواز

Most Popular