محمود الرشيد کي جوڊيشل رمانڊ تي جيل موڪليو ويو

لاهور جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت پاڪستان تحريڪ انصاف جي اڳواڻ ميان محمود الرشيد کي جوڊيشل رمانڊ تي جيل موڪلي ڇڏيو.

عدالت پوليس جي جسماني رمانڊ جي درخواست رد ڪري ڇڏي.

پوليس جو چوڻ آهي ته نصيرآباد ٿاڻي جي حد ۾ ميان محمود الرشيد کان ڪيس جي جاچ ڪئي پئي وڃي.

ميان محمود الرشيد چيو ته مون کي هڪ کانپوءِ هڪ ڪيس ۾ گرفتار ڪيو پيو وڃي.

هن چيو ته سمورن ڪيسن ۾ مون کي بدنيتي جي بنياد تي ڦاسايو ويو.

ياد رهي ته ميان محمود الرشيد تي ڪلما چوڪ ۾ ڪنٽينر ساڙڻ جو الزام آهي.

Read Previous

پاڪ-عراق لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ تي اتفاق

Read Next

سنڌ ۾ هڪ ٻي خانگي يونيورسٽي وجود ۾ اچي وئي، گورنر چارٽر تي صحيح ڪري ڇڏي

Most Popular