سنڌ ۾ هڪ ٻي خانگي يونيورسٽي وجود ۾ اچي وئي، گورنر چارٽر تي صحيح ڪري ڇڏي

سنڌ ۾ هڪ ٻي خانگي يونيورسٽي وجود ۾ اچي وئي، سنڌ جي گورنر ڪامران خان ٽيسوري دي صيفي برهاني يونيورسٽي ڪراچي جي چارٽر تي صحيح ڪري ڇڏي.

هن يونيورسٽي جو بل سنڌ اسيمبلي منظور ڪيو هو، جڏهن ته سنڌ جي گورنر دائودي بوهرا جماعت جي روحاني پيشوا سيدنا مفضل سيف الدين جي آخري دوري تي يونيورسٽي جي قيام جي درخواست ڪئي هئي.

سنڌ جي گورنر جي درخواست تي سيدنا مفضل سيف الدين يونيورسٽي قائم ڪرڻ جي هدايت ڪئي هئي.

ان حوالي سان اڳڀرائي کانپوءِ گورنر سنڌ يونيورسٽي جي بل تي صحيحون ڪيون، جنهن تحت نئين يونيورسٽي کي باضابطه چارٽر ڏنو ويو.

Read Previous

محمود الرشيد کي جوڊيشل رمانڊ تي جيل موڪليو ويو

Read Next

پاڪستاني شهرين جي ويزا جي طريقيڪار کي تيز ڪرڻ لاءِ قدم کنيا پيا وڃن: ڪينيڊين وزير

Most Popular