عدالت ميئر جي چونڊ ۾ سمورن چونڊيل نمائندن جي شموليت کي يقيني بڻائڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو

سنڌ هاءِ ڪورٽ ميئر ۽ ٽائونز جي چونڊن ۾ سمورن چونڊيل نمائندن جي شموليت کي يقيني بڻائڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.

عدالت ۾ يوسي چيئرمين کي ميئر جي چونڊ ۾ ووٽ وجهڻ کان روڪڻ خلاف درخواست تي ٻڌڻي ٿي، پوليس ۽ سنڌ حڪومت گرفتار ٿيل 4 يوسي چيئرمينن جي لسٽ عدالت ۾ پيش ڪري ڇڏي.

پوليس جو چوڻ آهي ته فردوس شميم، عمر دراز، سيد امجد ۽ محمد مصطفيٰ کي مختلف ڪيسن ۾ گرفتار ڪيو ويو آهي.

پوليس جو وڌيڪ چوڻ آهي ته فردوس شميم نقوي اين آءِ سي وي ڊي سکر ۾ علاج هيٺ آهي، جنهن بعد عدالت سنڌ حڪومت کي حڪم ڏنو ته گرفتار ٿيل چونڊيل نمائندن کي باحفاظت سٽي ڪائونسل تائين پهچايو وڃي.

Read Previous

اداڪاره زارا شيخ سان گڏ ڪم ڪرڻ جو تجربو خراب رهيو، نتاشا علي

Read Next

فٽبال جو بخار: فيفا وومينز ورلڊ ڪپ لاءِ 10 لک کان وڌيڪ ٽڪيٽون اڳواٽ ئي وڪرو

Most Popular