فٽبال جو بخار: فيفا وومينز ورلڊ ڪپ لاءِ 10 لک کان وڌيڪ ٽڪيٽون اڳواٽ ئي وڪرو

آسٽريليا ۽ نيوزيلينڊ ۾ ٿيندڙ فيفا وومينز ورلڊ ڪپ شروع ٿيڻ کان اڳ ئي فٽبال جي مداحن 10 لک کان وڌيڪ ٽڪيٽون خريد ڪيون.

فيفا جي صدر جاني انفنٽينو فوٽو ۽ وڊيو شيئرنگ ايپ انسٽاگرام تي تقريب لاءِ رڪارڊ ٽڪيٽن جي وڪرو جو انڪشاف ڪيو.

ايونٽ لاءِ ٽڪيٽن جي سيلز جو هي شاندار انگ ظاهر ڪري ٿو ته وومينز ورلڊ ڪپ دوران تاريخي جوش ۽ جذبو ڏسڻ وٽان هوندو, جيڪو اڳوڻو سڀ رڪارڊ ٽوڙي ڇڏيندو.

2023 ايڊيشن پهريون عورتن جو ورلڊ ڪپ هوندو جيڪو ٻن ملڪن جي گڏيل ميزباني ڪندو ۽ 32 ٽيمن سان گڏ هڪ وسيع فارميٽ پڻ متعارف ڪرايو ويندو.

هن نئين اڳڀرائي سان اميد ڪئي پئي وڃي ته اسٽيڊيمز وڏي تعداد ۾ مداحن کي پاڻ طرف ڇڪيندا.

Read Previous

عدالت ميئر جي چونڊ ۾ سمورن چونڊيل نمائندن جي شموليت کي يقيني بڻائڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو

Read Next

پاڪستاني فلمون نه ڊراما پسند ڪندي آهيان: ماهره خان

Most Popular