پاڪستان وومين فٽبال ٽيم جي عالمي رينڪنگ ۾ بهتري اچي وئي

فيفا عورتن جي فٽبال ٽيمن جي تازي رينڪنگ جاري ڪري ڇڏي آهي جنهن ۾ پاڪستان وومين فٽبال ٽيم جي رينڪنگ ۾ بهتري آئي آهي.

تازي رينڪنگ ۾ پاڪستان وومين فٽبال ٽيم 157 هين پوزيشن تي آهي، مارچ 2023 ۾ پاڪستان وومين فٽبال ٽيم 161 هين پوزيشن تي هئي.

اولمپڪ ڪواليفائرز ۾ شرڪت ۽ هڪ ميچ کٽڻ سان پاڪستان جا ڪل پوائنٽس 944.58 ٿي ويا.

عورتن جي فٽبال رينڪنگ ۾ آمريڪا پهرين، جرمني ٻئي ۽ سويڊن ٽئين نمبر تي آهي.

Read Previous

پاڪستاني فلمون نه ڊراما پسند ڪندي آهيان: ماهره خان

Read Next

سنڌ جي 24-2023ع جي مجموعي بجيٽ 2244 ارب رپيا رکڻ جي تجويز

Most Popular