اليڪشن ڪميشن پاران چونڊن ۾ دير نه ٿيڻ جي خاطري

پيپلز پارٽي اڳواڻن چيو آهي ته اليڪشن ڪميشن چونڊن ۾ دير نه ٿيڻ جي خاطري ڪرائي آهي، پيپلزپارٽي ڪنهن به صورت ۾ اليڪشن ۾ دير نه ٿي چاهي

پيپلزپارٽي جي اڳواڻن تاج حيدر، فيصل ڪريم ڪنڊي ۽ سعيد غني چيف اليڪشن ڪمشنر سان ملاقات بعد ميڊيا سان ڳالهايو

اڳواڻن چيو ته سنڌ ۾ آءِ جي سنڌ کان ويندي تپيدار تائين بدليون ۽ مقرريون ڪيون ويون آهن، ائين ٻئي ڪنهن به صوبي ۾ نه ٿيو آهي

پيپلز پارٽي اڳواڻن چيو ته اليڪشن ڪميشن کي پنهنجن خدشن کان آگاهه ڪيو آهي

Read Previous

ڪيڊٽ ڪاليج لاڙڪاڻي جو شاگرد حسنين ساريو زندگيءَ جي جنگ هارائي ويو

Read Next

بلاول پاران ذوالفقار ڀٽو بابت صدارتي ريفرنس جي ڪارروائي لائيو ڏيکارڻ جو مطالبو

Most Popular