ميرپورخاص: سينٽرل جيل ۾ ليڊي پوليس اھلڪار مھوش جروار جي مبينه قتل وارو معاملو، سول اسپتال انتظاميا شروعاتي پوسٽ مارٽم رپورٽ جاري

ميرپورخاص: (رپورٽ: تاج لاشاري) ميرپورخاص سينٽرل جيل ۾ ليڊي پوليس اھلڪار مھوش جروار جي مبينه قتل وارو معاملو. سول اسپتال انتظاميا پاران شروعاتي پوسٽ مارٽم رپورٽ جاري ڇڏي آهي.

ھڪ ھفتو اڳ سينٽرل جيل جي ڪوارٽر مان ليڊي پوليس اھلڪار مھوش جروار جو ڦاھو کاڌل لاش وارو معاملو ان سلسلي ۾ سول اسپتال انتظاميا پاران ليڊي پوليس اھلڪار مھوش جروار جي شروعاتي پوسٽ مارٽم رپورٽ جاري ڪئي وئي.

رپورٽ موجب عورت جي ڪنڌ جي ھڏي ٽٽل ھئي ۽ ساهه جي نالي ۾ رت جمع ٿيل ھو. ان کانسواء گلي تي ٻن رسن جا پڻ نشان مليا آھن. جڏھن ته عورت جي پيٽ ڪلھي ۽ جسم جي ٻين حصن تي تشدد جا نشان پڻ آھن، جڏھن ته عورت کي پاتل پوليس شرٽ ڪنڌ کان ڦاٽل ھئي، جڏهن ته رپورٽ ۾ اھو پڻ ڄاڻايو ويو آھي ته عورت سان زيادتي بابت ڊي اين اي لاءِ جزا موڪليا ويا آهن جيڪا رپورٽ اچڻ بعد مڪمل پوسٽ مارٽم رپورٽ جاري ڪئي ويندي.

Read Previous

ڄامشوري ڦاٽڪ جي پوليس چوڪي مٿان ڪريڪر ڌماڪو، ڪوبه جاني نقصان نه ٿيو

Read Next

ارسا سنڌ کي وڌيڪ پاڻي ڏيڻ واري پنجاب حڪومت جي دعويٰ کي رد ڪري ڇڏيو

Most Popular