تحريڪ انصاف اڳواڻ حليم عادل شيخ نوابشاهه جو دورو

نوابشاهه: پاڪستان تحريڪ انصاف جي اڳواڻ حليم عادل شيخ نوابشاھه جو دورو ڪرڻ کانپوء پاڪستان تحريڪ انصاف ضلعي نوابشاهه جي صدر امام دين ڪيريو جي رهائشگاھ تي پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته پ پ پ هر جڳھ تان ختم ٿي چڪي آهي، پ پ پ جي دور ۾ سنڌ جا روڊ رستا، اسپتالن سميت هر شيء تباہ ٿي چڪي آهي، پ پ پ وٽ هن وقت صرف سنڌ ڪارڊ بچيو آهي جيڪو هميشه استعمال ڪندي رهندي آهي. ان وڌيڪ چيو ته پ پ پ سان ڪو به اتحاد نه آهي ۽ نه ئي احتساب جي عمل ۾ ڪو اين آر او آهي صرف ترقياتي ڪمن ۾ ٻن حڪومتن جو اتحاد آهي، ڪرپشن جو حساب ڏيڻو پوندو چاهي اها ڪراچي ۾ ڪئي هجي يا نوابشاہ ۾ ڪئي هجي. هن وڌيڪ چيو ته صوبائي رابطه ۽ عمل درآمد ڪميٽي ٺهڻ سان سنڌ جا ٽڪرا نه ٿيندا اهو صرف ڊرامو هو جيڪو نثار کهڙو شروع ڪيو. حليم عادل شيخ چيو ته منهنجي خواهش آهي ته سنڌ جي تمام ڊويزنن ۾ صوبائي رابطه ۽ عمل درآمد ڪميٽي ذريعي فنڊ اچن ۽ غريبن جا ڪم ٿين، هن وڌيڪ چيو ته اسان سنڌ کي لاوارث نه ڇڏينداسين.

Read Previous

ڊپٽي ڪمشنر گهوٽڪي پاران قادپور شينڪ بند جو دورو، ٻوڏ جي صورتحال جو جائزو

Read Next

سي سي پي او لاهور جي مقرري تي آءِ جي پنجاب ڪم ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو

Most Popular