نوشهروفيروز: آل سنڌ ايريگيشن ٽريڊ يونينز فيڊريشن سنڌ پاران مطالبن جي مڃتا لاءِ احتجاج

نوشهروفيروز(ڊ ر) آل سنڌ ايريگيشن ٽريڊ يونينز فيڊريشن سنڌ پارن دادو سدرن ڊويزن جي پورھيت ملازم امتياز ملڪاڻي سميت ٻين مزدورن سان ٿيندڙ ناانصافين، چارٽر آف ڊمانڊ تي عمل نه ڪرڻ ۽ ٻين جائز مطالبن جي مڃتا لاءِ احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. ان موقعي تي آل سنڌ ايريگيشن ٽريڊ يونينز فيڊريشن جي مرڪزي صدر ميان عبدالرحيم ڀارو، جنرل سيڪريٽري اقبال احمد لاڙڪ ۽ ٻين اڳواڻن صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته ايريگيشن کاتي ۾ ڪرپشن خلاف آواز اٿارڻ تي ڪرپٽ ڪامورا، ڪرپٽ ارب پتي ٺيڪيدار غريب ملازمن تي ڏمرجي پيا آهن جنهن جو مثال دادو جو راشي ڪرپٽ انجنيئر خوشي محمد شيخ نااهلي جو مظاهرو ڪندي راشي ڪلارڪ عنايت چنا جي ونگار وهندي ايريگيشن جي هڪ ننڍي ملازم امتياز مالڪاڻي جي نالي تي الاٽ ٿيل ڪوارٽر ڪينسل ڪرائي ڇڏيو آهي جيڪا سراسر ناانصافي آهي اهڙي عمل کي ڪنهن به صورت ۾ قبول نه ڪيو ويندو. هنن چيو ته هنن چيو ته راشي انجنيئر خوشي محمد شيخ، ڪلارڪ عنايت چني سان ملي ڀڳت ڪري  آر بي او ڊي، ايل بي او ڊي ۽ سمالز ڊيم ۾ ڪروڙين رپين جي اربين رپين جي ڪرپشن ڪئي آهي ان معاملي جو نيب کي نوٽيس وٺڻ گهرجي اهڙا ڪرپٽ ڪامورا ايريگيشن کاتي ۾ سون جي تعداد ۾ موجود آهن جن تباهي مچائي ڇڏي آهي. هنن چيو ته هن وقت پورهيتن سان ناانصافيون ڪڏهن به برداشت نه ڪيون وينديون سڄي سنڌ ۾ احتجاجي تحريڪ انهن خلاف هلائي ويندي جيڪڏهن سنڌ حڪومت ۽ اعليٰ اختيارين هن معاملي جو نوٽِيس نه ورتو ته مجبور ٿي ڪري اسان کي ڪو انتهائي قدم کڻڻو پوندو جنهن جي ذميواري انتظاميه تي هوندي. ان موقعي تي يونين اڳواڻن مطالبو ڪيو ته آبپاشي ملازمن سان ٿيندڙ ناانصافين جو ترت ازالو ڪيو وڃي ۽ چارٽر آف ڊمانڊ تي عمل ڪيو وڃي ٻي صورت ۾  13 آڪٽوبر کان چيف انجنيئر سکر بئراج جي آفيس سامهون احتجاجي ڪئمپ لڳائي ويندي جيڪا مطالبن جي مڃتا تائين جاري رهندي.

Read Previous

نوشهروفيروز: حضرت امام حسين عليه السلام چاليهو يا حسين جون صدائون

Read Next

ڳڙھي خيرو: ڪربلا جي شهيدن جي ياد ۾ چاليهو عقيدت ۽ احترم سان ملهايو ويو

Most Popular