ڳڙھي خيرو: ڪربلا جي شهيدن جي ياد ۾ چاليهو عقيدت ۽ احترم سان ملهايو ويو

ڳڙھي خيرو(رپورٽر:اسدالله لغاري) ڪربلا جي شهيدن جي ياد ۾ چاليهو عقيدت ۽ احترم سان ملهايو ويو. جلوس امام بارگاه قصر حسين ۽ قصر عباس کان نڪري پنهنجي راوايتي رستن کان ٿيندي پنج گلي چوڪ تي پهتو. خبر موجب هر شهر جيئان ڳڙھي خيرو ۾ به چهلم امام حسين رضه ۽ شهداء ڪربلا جي ياد ۾ وڏي عقيدت ۽ احترم سان ملهايو ويو. ان سلسلي ۾ مرڪزي امام بارگاه قصر حسين ۽ قصر عباس کان عزادري جو جلوس ڪڍيو ويو. جيڪو پنهنجي روايتي رستن کان ٿيندي پنج گلي چوڪ وٽ پهتو, جتي ڪربلا جي شهداء جي ياد ۾ مجلس منعقد ٿي, ان موقعي تي عالمن ۽ ذاڪرن امام عالي مقام امام حسين رضه ۽ ڪربلا جي شهيدن جي عظيم قرباني ۽ فلسفو شهادت تي پڻ روشني وڌي. ٻئي طرف چهلم جي موقعي تي ايس ايڇ او ڳڙھي خيرو جي قيادت ۾ وڏي انگ ۾ نفري شهر جي تمام ايندڙ ويندڙ رستن کي بند ڪري جلوس ۾ شرڪت ڪرڻ وارن سميت شهر ۾ هر ايندڙ ويندڙ ماڻهن جي تلاشي وٺي ڪري ڇڏيو ويو.

Read Previous

نوشهروفيروز: آل سنڌ ايريگيشن ٽريڊ يونينز فيڊريشن سنڌ پاران مطالبن جي مڃتا لاءِ احتجاج

Read Next

ڪشمور: فرسٽ سول جج ۽ جوڊيشنل مجسٽريٽ عبدالوحيد عباسي پاران چوري جو ڏوھ ثابت ٿيڻ تي چار ڄڻن کي سزا

Most Popular