امن جو نوبل انعام ورلڊ فوڊ پروگرام جي نالي ٿي ويو

نيويارڪ: 2020 جو امن نوبل انعام ورلڊ فوڊ پروگرام کٽي ورتو آهي. دنيا جو معتبر ترين نوبل انعام زندگيءَ جي مختلف شعبن ۾ عظيم ڪارنامو سرانجام ڏيندڙ شخصيتن جي نالي ٿيندو آهي. هن سال ادب جو نوبل انعام آمريڪي شاعره لوئس گلڪ جي نالي رهيو جڏهن ته ڪيمسٽري جو نوبل انعام ايمانويل ڪارپنٽر ۽ جينيفرڊوڊنا کڻي ورتو. فزڪس جو نوبل انعام گڏيل طور تي راجر پنروز، رين برڊ گينزل ۽ اينڊيا گيز حاصل ڪيو جڏهن ته ميڊيڪل جو نوبل انعام هاروي جي آلٽر، مائيڪل هاگٽن ۽ چارلس جي نالي رهيو. هاڻ نوبل انعام ڪاميٽي امن جي عالمي ايوارڊ جو اعلان پڻ ڪيو آهي جيڪو ورلڊ فوڊ پروگرام جي حوالي ٿيو. ڊبليو ايف پي کي نوبل انعام جنگ جو شڪار علائقن ۾ بک ختم ڪرڻ واري ڪردار ادا ڪرڻ تي ڏنو ويو. 

Read Previous

ملڪ ۾ موجوده ڪرڪيٽ جو خدا ئي حافظ آهي: جاويد ميانداد

Read Next

اڳوڻي صوبائي وزير مير غلام محمد شھلياڻي جي گهرواري جو اڄ ٽيجھو ٿي گذريو

Most Popular