ڪراچي ۾ هڪ مهيني لاءِ موٽرسائيڪل جي ٻيلهه سواري تي پابندي لاڳو

ڪراچي:   ٽارگيٽ ڪلنگ ۽ مختلف ڏوهن جي وڌندڙ وارداتن کي نظر ۾ رکندي ڪراچي ۾ هڪ مهيني جي لاءِ موٽر سائيڪل جي ٻيلهه سواري تي پابندي لاڳو ڪئي وئي آهي.  سنڌ حڪومت طرفان جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته ايڊيشنل آءِ جي طرفان 10 آڪٽوبر تي لکيل خط ۾ ان خدشي جو اظهار ڪيو ويو هو ته شرپسند عناصرن طرفان شهر جو امن امان خراب ڪرڻ جا اطلاع آهن ۽ تازو ئي ڪراچي ۾ هينڊ گرينيڊ اڇلايا ويا، قانون لاڳو ڪندڙ  ادارن جي اهلڪارن ۽ مذهبي اڳواڻن جي ٽارگيٽ ڪلنگ جا واقعا به رپورٽ ٿيا آهن. ان ڪري درخواست آهي ته هڪ مهيني جي لاءِ موٽر سائيڪل جي ٻيلهه سواري تي پابندي لاڳو ڪئي وڃي. ايڊيشنل چيف سيڪريٽري ۽ سنڌ جي گهرو وزارت طرفان جاري ڪيل نوٽيس ۾ چيو ويو آهي ته امن امان جي صورتحال کي برقرار رکڻ ۽ شدت پسندانه ڪارروائين کان بچڻ جي لاءِ صوبائي حڪومت قلم 144 لاڳو ڪندي فوري طور تي 30 ڏينهن جي لاءِ موٽر سائيڪل جي ٻيلهه سواري تي پابندي  لاڳو ڪري ڇڏي آهي. عورتون، 12 سالن کان ننڍي عمر جا ٻار، قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جا اهلڪار ۽ صحافي  هن پابندي کان آجا هوندا.

Read Previous

رشتي جي ضرورت: زال گهرجي پر اها سوشل ميڊيا جي ديواني نه هجي!

Read Next

مولانا ڊاڪٽر عادل تي حملو امن امان خراب ڪرڻ جي سازش آهي:ناصر شاهه

Most Popular