ڪورونا وائرس پکڙجڻ جو امڪان: اسلام آباد جا ٻه اسڪول، ٻٽيهه هوٽلون ۽ ستيتاليهه دڪان سيل

اسلام آباد:   اسلام آباد ۾ ڪورونا پکڙجڻ جي امڪان سبب 3 سيڪٽرز جون مختلف گهٽيون سيل ڪيون ويون. ايس او پيز جي ڀڃڪڙي تي 2 اسڪول، 32 هوٽلون ۽ 47 دڪانون سيل ڪيون ويون.  رپورٽ موجب اسلام آباد جي ٽن سيڪٽرن ۾ اسمارٽ لاڪ ڊائون ڪيو ويو. سيڪٽر جي 4/10، گهٽي نمبر 38، 44، 45، 46، 47 ۽ 48 کي سيل ڪيو ويو. نوٽيس موجب سيڪٽر آءِ 2/8 جي گهٽي نمبر 25 ۽ 29 کي سيل ڪيو ويو آهي. جڏهن ته سيڪٽر جي 9/4 جي 85، 89 نمبر گهٽيون سيل ڪيون ويون آهن. ان علائقن ۾ ڪوروناٽيسٽ جي لاءِ نمونا  حاصل ڪيا پيا وڃن.  فوري طور تي لاڪ ڊائون سبب ڪورونا ڪيسن جي پکيڙ ۾ گهٽتائي آڻي سگهجي ٿي. وفاقي گادي واري شهر ۾ ضلعي انتظاميه ڪورونا ايس او پيز تي عمل نه ڪندڙن جي خلاف ڪارروائي ڪئي آهي. سيڪٽر جي 11/9 ۽ جي/7 ٿري جا 2 اسڪولز سيل ڪيا ويا. ڊپٽي ڪمشنر حمزه شفقت جو چوڻ آهي ته ڪورونا ايس او پيز تي عمل نه ڪندڙ 32 هوٽلن کي سيل ڪيو ويو. ڀڃڪڙي ڪندڙ 47 دڪانون ۽ هڪ ورڪشاپ به سيل ڪئي وئي آهي. 17 شادي هالز کي وارننگ نوٽيس جاري ڪيا ويا آهن. جڏهن ته مختلف ڪاروباري مرڪزن مٿان 78 هزار روپيه ڏنڊ لاڳو ڪيو ويو.

Read Previous

ڪراچي، اسلام آباد ۽ آزاد ڪشمير ۾ مني اسمارٽ لاڪ ڊائون هڪ دفعو ٻيهر لاڳو

Read Next

نوجوان رانديگرن جو سينئرز کي چيلنج ڪرڻ خوشي جوڳو قدم آهي: وقار يونس

Most Popular