پاڪستان خاصخيلي اتحاد مرڪزي سپريم ڪائونسل جو اجلاس ٿي گذريو

مٽياري : پاڪستان خاصخيلي اتحاد مرڪزي سپريم ڪائونسل جو اجلاس چيئرمين پاڪستان خاصخيلي اتحاد سرائي نياز حسين خاصخيلي جي صدارت هيٺ ٿي گذريو جنهن ۾ سپريم ڪائونسل جي نون ميمبرن توسيع ڪئي وئي اجلاس ۾ اتحاد جي يوم تاسيس ملھائڻ جي تيارين ۽ جڳھ جو تعين پڻ ڪيو ويو ان کان علاوه ايندڙ بلدياتي چونڊن لاءِ پلاننگ ۽ مشورا ڪيا ويا اجلاس ۾ سڄي سنڌ مان ڪيترن ئي سپريم ڪائونسل جي ميمبرن ۽ عھديدارن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي جن ۾ حاجي محمد قاسم خاصخيلي، محمد يعقوب خاصخيلي ،ممتاز علي خاصخيلي، انور خاصخيلي ،غلام حسين خاصخيلي، فيض، منظور علي خاصخيلي ،محمد دائود خاصخيلي، جي ايم بابو خاصخيلي،پروفيسر ڊاڪٽر غوث بخش خاصخيلي،خدابخش خاصخيلي ،بابر علي خاصخيلي، ڊاڪٽر دلدار خاصخيلي ،سجاد احمد خاصخيلي ، سچل خاصخيلي، عطا محمد خاصخيلي، علي اڪبر خاصخيلي،پير بخش خاصخيلي، اشفاق اڪبر خاصخيلي، منٺار خان خاصخيلي، حاجي محمد صديق خاصخيلي ۽ ٻين اڳواڻن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي،اجلاس ۾ ڪجهه ڏينهن پهرين چھلم جي موقعي تي روڊ حادثي ۾ شھيد ٿيل خاصخيلي برادري جي ھڪ عورت ۽ نينگر سميت چئن ڄڻن جي مغفرت لاء دعا خير پڻ گھري وئي،

Read Previous

ٽنڊوالھيار ڊسٽرڪٽ انچارج جي اڳواڻي ۾ ماحولياتي انسپيڪٽرن سان گڏ اسپتالن ۽ ليبارٽرين تي ڇاپا ھنيا

Read Next

ٽي مھينا اڳ قتل ٿيل جا وارث انصاف لاءِ احتجاج ڪندي

Most Popular