سکر: سماجي تنظيم ايم ڊي ايف سنڌ واٽر مينجمينٽ آرڊيننس 2002 ۾ ترميمي بل چونڊيل نمائندن حوالي ڪري ڇڏيو

سکر(رپورٽ: امداد علي گل ڪلوڙ) سماجي تنظيم ايم ڊي ايف سنڌ واٽر مينجمينٽ آرڊيننس 2002 ۾ ترميمي بل چونڊيل نمائندن حوالي ڪري ڇڏيو. بل منظور ٿيڻ سان عورتون پاڻي جي منصفاڻي ورڇ واري عمل ۽ فيصلي سازي ۾ شامل ٿي وينديون.مينجمينٽ  اينڊ ڊيولپمينٽ فائونڊيشن (ايم ڊي ايف)  آڪسفيم جي سهڪار  سان ھلندڙ اسٽريٽجڪ پارٽنرشپ عورت امن ۽ پاڻي جي حڪمراني واري منصوبي تحت حيدرآباد ضلعي جي يونين ڪائونسل سينهوار جي  ڳوٺ حاجي شفيع محمد سولنگي ۾ عورتن جي خودمختياري ۾ ڪميونٽي جو ڪردار جي عنوان ھيٺ سيمنار ڪرايو. جنھن ۾ سنڌ ايريگيشن اينڊ ڊرينيج اٿارٽي ، ڊسٽرڪٽ ليول الائينس واٽر ڪورس ايسوسيشن ۽  منصوبي ۾ شامل ڳوٺن جي عورتن وڏي انگ ۾  شرڪت ڪئي، منصوبي جي اڳواڻ ڪرن دائودپوٽو چيو ته ھن منصوبي جو بنيادي مقصد بھراڙي جي عورت کي پاڻي جي منصفاڻي ورڇ ۾ شامل ڪرڻ ۽   پنھنجي بنيادي حقن لاءِ جدوجھد  ڪرڻ لاء سندس سکيا  آھي. منصوبي پاران سنڌ ايسمبلي ۾ سنڌ واٽر مينجمينٽ آرڊيننس 2002 ۾ ترميم ڪري پاڻي جي منصفاڻي ورڇ ۾ واري عمل ۽ فيصلا سازي ۾  عورتن کي شامل ڪيو ويو آھي. ھن ترميمي بل پاس ٿيڻ سان سنڌ جي بھراڙي جون ھزارين عورتون پاڻي جي ورڇ ۽ فيصلا سازي واري عمل ۾ شامل ٿي وينديون جيڪا سنڌ ۾ پاڻي جا حوالي سان عورتن جي جدوجھد ۾ تمام وڏي ڪاميابي ھوندي. سنڌ ايريگيشن اينڊ درينيج اٿارٽي جي نمائندگي ڪندڙ پرويز ٻانڀڻ چيو ته ڳوٺاڻي سطح تي  عورتن جو پاڻي جي حقن لاءِ ڪٺو ٿيڻ ۽ ان ۾ مردن جو ساٿ ڏيڻ تمام شاندار عمل آھي جنھن  عورتن جي سماجي حيثيت ۾ وڏي تبديلي آندي آھي . اسانجو اداروسيڊا  پاڻي جي منصفاڻي ورڇ سان گڏ گدلي پاڻي جي نيڪال جو پڻ مناسب بندوبست ڪندو آھي ۽ ان سلسلي ۾ ورلڊ بينڪ جي تعاون سان سيڊا پاران اڪرم واھ تي  پاڻي جي نيڪالي لاءِ جلد ھڪ تمام وڏو منصوبو شروع ڪيو ويندو. ايم ڊي ايف جي اڳواڻ مصطفي راجپر چيو ته ايم ڊي ايف سدائين سماج ۾ پيڙھيل ۽ پٺتي پيل طبقن جي لاءِ جاکوڙيو آھي ءِ عورت پڻ ھن سماج جو پيڙھيل ۽ پٺتي پيل ھڪ تمام وڏو طبقو آھي خاص طور تي ٻھراڙي سان واسطو رکندڙ عورت.  ايم ڊي ايف سنڌ جي بھراڙي جي نظر انداز ڪيل ڳوٺن جي چونڊ ڪري انھن ڳوٺن ۾ عورتن کي شامل ڪري ترقي جي لاء جاکوڙ ڪري ٿي. سنڌ ۾ پاڻي جي حڪمراني واري منصوبي ھيٺ سنڌ جي گادي واري ھنڌ ڪراچي ۾  آڪٽوبر جي پڇاڙي ۾ ھڪ تمام شاندار پروگرام ڪرائڻ جو منصوبو جوڙيو آھي ھن پروگرام ۾ بھراڙي جي عورتن جي وڏي انگ کي ھڪ ھنڌ گڏ ڪري سنڌ اسيمبلي جي چونِل نمائندن، سرڪاري ۽ غير سرڪاري ادارن کي گھرائي عورتن جي  پاڻي سان جڙيل ۽ ٻين سماجي مسئلن بابت ڳالھ ٻولھ ڪئي ويندي، سيمينار ۾ ڊسٽرڪٽ ليول الائينس جي جنرل سيڪريٽري عبدالڪريم سولنگي ڇيو  ته ھن منصوبي جي شروع ٿيڻ کان اڳ ھارين کي اھا به خبر نه ھئي ته سندن حصي جو پاڻي ڪيترو آھي؟ اھي ڪھڙا ادار آھن جيڪي پاڻي جي ورھاست ۾ شامل آھن؟ واٽر ڪورس ڪئين ۽ ڪٿان رجسٽر ٿيندا آھن؟ پاڻي جي ورھاست جا قانون ۽ ادارا ڪھڙا آھن؟  پر ھن منصوبي جي پڄاڻي تي ھاري خاص طور تي عورتون اھا ڄاڻ وٺي چڪا آھن جيڪا تمام شاندار ڪاميابي آھي. عورتن جي گروپ جي اڳواڻ فاطمه سولنگي چيو ته ايم ڊي ايف ۽ آڪسفيم  بھراڙي جي پٺتي پيل عورتن جي حقن لاءِ نه رڳو سوچيو پر انهن سان گڏ عملي جدوجھد ۾  ڀرپور ساٿ پڻ ڏنو آھي. پنھنجي مردن جا پڻ ٿورائتا آھيون جيڪي ھن جدوجھد ۾ اسان سان ڪلھي ۾ ڪلھو ملائي ھلي رھيا آھن . وومن ليڊر الله ڏني چيو ته منصوبي جي اچڻ سان سندن سماجي حيثيت ۾ تمام وڏي تبديلي آئي آھي  ھاڻي ھو گھر کان ڳوٺ تائين پاڻي سان جڙيل فيصلن ۾ شامل آھن ۽ ان جو بنيادي سبب عورتن جو سماجي اتحاد آھي. نوجوانن جي نمائندگي ڪندي عظمي پنھور چيو ته ھن منصوبي جي ھڪ سٺي ڳالھ ھي آھي ته ھن منصوبي ۾ نوجوانن کي شامل ڪيو ويو آھي نه ته بھراڙي جي نوجوان لاء پنھنجي لڪيل صلاحيتن کي استعمال ڪرڻ لاءِ ڪو پليٽ فارم  موجود ئي نه ھو.  منصوبي جي مانيٽرنگ آفيسر  عمران قريشي چيو ته ايم ڊي ايف ھن منصوبي ذريعي پنھنجو ڪردار ادا ڪيو آھي ھاڻي ڳوٺاڻن جي ذميواري آھي ته اھي ھن منصوبي جي مقصدن مطابق پنھنجي حقن جي لاءِ  پاڻ جاکوڙ ڪن. منصوبي جي سوشل آرگنائيزز رشيد احمد چانڊيو ڳالھائيندي چيو ته سماج ۾ عورتن کي مرد جي برابر حق ۽ عزت نٿي ملي جنھن سبب غربت ۾ واڌارو پڻ ٿي رھيو آھي ھاڻي وقت اچي ويو آھي ته ڌي ۽ پٽ کي برابري جي بنياد تي تعليم ۽ صحت جون سھولتون فراھم ڪيون وڃن. سيمينار جي ڪمپئرنگ افشين ميمڻ ڪئي. سيمينار جي پڄاڻي تي سنڌ جي صوفي راڳي سوڍو فقير صوفي ڪلام پڻ پيش ڪيا.

Read Previous

شريف جي ڀرسان لڳ بوبڪ ڳوٺ عيسئ خان رودناڻي ۾ عيسئ خان سندس پٽن ڳوٺاڻن سان احتجاج

Read Next

ٻارن ۾ پوليو کا بچاءُ جا ڦرا پيارڻ جي عمل کي وڌيڪ بهتر ڪيو وڃي : ڊپٽي ڪمشنر مٽياري غلام حيدر چانڊيو

Most Popular